اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت اربع ڏينهن فڪسڊ ٽيڪس آسان اسڪيم لاءِ موبائل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن ذريعي ننڍا واپاري ۽ دڪاندار پنهنجي ٽيڪس ريٽرن ايپ ذريعي جمع ڪرائي سگهندا.
حڪومت وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ انهن واپارين لاءِ اسڪيم جو اعلان ڪيو هو، جن جو ساليانو ڪاروباري ٽرن اوور 20 ڪروڙ رپين تائين آهي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ واپاري برادري جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته ايپ جي لانچنگ ان منصوبي جو ”عملي آغاز“ آهي، جنهن تي حڪومت گذريل ڪجهه مهينن کان ڪم ڪري رهي هئي.
ڪياني واپاري برادري کي ايپ جي ڪامياب لانچ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها ايپ سندن ”رهنمائي ۽ مشاورت“ سان تيار ڪئي وئي آهي.
هن ياد ڏياريو ته ننڍن واپارين لاءِ ٽيڪس اسڪيم جو اعلان 5 جون تي بجيٽ کان اڳ ڪيو ويو هو. اعلان کان پوءِ حڪومتي ٽيم ايپ تيار ڪرڻ ۽ دڪاندارن کي فراهم ڪرڻ لاءِ پليٽون تيار ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو.
وزير چيو ته ايپ جي تياري دوران حڪومتي ٽيم واپاري نمائندن اجمل بلوچ ۽ ڪاشف چوڌري، گڏوگڏ سندن ساٿين کي سموري عمل کان باخبر رکيو.
ڪياني چيو ته ”اسان عمل جي شروعات ڪجهه سوالن سان ڪئي: ماضي ۾ ٽيڪس اسڪيمون ڇو ناڪام ٿيون ۽ اڄ ڪنهن اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڇا ضروري آهي؟ اهڙي اسڪيم جيڪا واپارين لاءِ ٽيڪس فائلر بڻجڻ آسان ڪري ۽ ساڳئي وقت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ٽيڪس فائلرز جو انگ وڌائڻ جا ٻئي مقصد حاصل ڪري سگهي؟“
هن چيو ته اسڪيم کي ”سڀني لاءِ فائديمند“ بڻايو ويو آهي، جنهن سان حڪومت کي وڌيڪ ٽيڪس وصولي جو فائدو ٿيندو، جڏهن ته واپارين لاءِ آسان ۽ سهولتن تي ٻڌل نظام هوندو ۽ وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سان معاملا طئي ڪرڻ به آسان ٿيندا.
هن چيو ته ”هي واپارين جي اڳواڻي ۾ هلندڙ اسڪيم آهي ۽ واپارين جي اڳواڻي ۾ ان تي عملدرآمد سان ئي اها ڪامياب ٿيندي.“
اسڪيم ۽ ايپ جون خاصيتون
وزير اسڪيم ۽ ايپ جون اهم خاصيتون ٻڌائيندي چيو ته اها سمورن واپارين لاءِ کليل آهي، چاهي اهي اڳ ئي ٽيڪس فائلر هجن يا نه، پر شرط اهو آهي ته سندن ساليانو وڪرو 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نه هجي.
ڪياني چيو ته ايپ ۾ اردو ٻوليءَ ۾ هڪ سادو فارم موجود آهي ۽ ان کي گوگل پلي اسٽور تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو، جتي ”آسان تاجر“ نالي آئڪن شامل ڪيو آهي.
هن چيو ته رجسٽريشن جي عمل دوران هڪ PSID جاري ڪيو ويندو، جنهن ذريعي واپاري ايپ وسيلي پنهنجو ٽيڪس ادا ڪري سگهندا. ادائيگي ٿيڻ کان پوءِ صارفين کي اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ ۽ سندن اپڊيٽ ٿيل ٽيڪس فائلر اسٽيٽس بابت اطلاع ڏنو ويندو. کين اسڪيم تحت حاصل ٿيندڙ سهولتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويندو.
جيڪي واپاري هن سهولت مان فائدو وٺندا، انهن کي پليٽ جو ڊجيٽل ورزن فراهم ڪيو ويندو.
ڪياني چيو ته ”ڪنهن به دڪان تي اها پليٽ لڳل هجي ته ڪو به ايف بي آر آفيسر ٽيڪس معاملن بابت واپاري کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ ان دڪان جي احاطي ۾ داخل نٿو ٿي سگهي.“
هن وڌيڪ چيو ته پليٽ جي فزيڪل ڪاپي لاڳاپيل آفيس مان ٻن هفتن اندر حاصل ڪري سگهبي.
ٽيڪس جي حساب جو طريقو
ٽيڪس جي حساب بابت وضاحت ڪندي ڪياني چيو ته ادا ٿيندڙ ٽيڪس اعلان ڪيل وڪري جو هڪ سيڪڙو هوندو، جڏهن ته ان رقم مان ود هولڊنگ ٽيڪس ڪٽيو ويندو.
واپارين کي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ايپ هر واپاري لاءِ ادا ڪرڻ واري رقم پاڻ حساب ڪندي.
اڳ ۾ ئي ٽيڪس فائل ڪندڙ واپاري به هن اسڪيم مان فائدو وٺي سگهندا، بشرطيڪه گذريل ٽن سالن مان هر سال سندن وڪرو 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نه رهيو هجي. تنهن هوندي به انهن جي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس ذميواري گذريل سال ادا ڪيل ٽيڪس جي رقم جي برابر هوندي.
وزير چيو ته اسڪيم چونڊيندڙ واپارين لاءِ پنهنجي دڪانن تي پوائنٽ آف سيل (POS) مشينون لڳائڻ يا ود هولڊنگ ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ لازمي نه هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ايپ ايپل اسٽور تي پڻ دستياب هوندي.
ڪياني چيو ته ”هن وقت ايپ اردو ۾ دستياب آهي. تنهن هوندي به، واعدي مطابق، پهرين هفتي سيپٽمبر تائين اها پشتو، بلوچي ۽ سنڌي سميت ٻين ٻولين ۾ پڻ دستياب ڪئي ويندي.“
هن چيو ته واپارين کي ضرورت پوڻ تي هر ضلعي جي ريجنل ٽيڪس آفيسن (RTOs) ۾ لاڳاپيل فوڪل آفيسن ۽ فوڪل پرسنز سان رابطو ڪرڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪئي ويندي.
هن چيو ته حڪومت واپارين سان مشاورت ۽ ڀائيواري سان اسڪيم تي عمل جاري رکندي. حڪومت چيمبرز آف ڪامرس جي رهنمائي ۽ مدد پڻ ڪندي، ڇاڪاڻ ته انهن جو هن عمل ۾ اهم ڪردار آهي.
مملڪتي وزير پريس ڪانفرنس دوران فزيڪل پليٽ پڻ ڏيکاري ۽ چيو ته ان ۾ گهربل سموريون سيڪيورٽي خاصيتون موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي واپاري ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ تائين اسڪيم تحت رجسٽريشن ڪرائيندا، انهن کي پليٽ مفت فراهم ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته پليٽ جي قيمت 1,500 رپين کان وڌيڪ نه هجڻ جو امڪان آهي.
محمد اورنگزيب جو موقف
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته واپاري، خاص طور تي ننڍا ڪاروباري ماڻهو، حڪومت کان هڪ آسان ۽ سادي ٽيڪس اسڪيم جي اميد رکندا هئا.
ناڻي واري وزير چيو ته هن ۽ ڪياني پارليامينٽ، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت ڪميٽين ۾ به ان معاملي تي بحث ڪيو ۽ مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو.
هن وڌيڪ چيو ته ايف بي آر ننڍن واپارين لاءِ اسڪيم کي آسان بڻائڻ لاءِ ”پنهنجي وس کان وڌيڪ ڪوشش“ ڪئي آهي.
هن چيو ته ”واپارين کي يقين ٿيندو ته هن ڀيري اها اسڪيم ڪم ڪندي ۽ جيڪڏهن هو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيندو ته کيس هراسان ڪرڻ يا ٻين مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوندو.“
اورنگزيب پريس ڪانفرنس ۾ موجود واپاري برادري جي ٻن اڳواڻن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، جن ساڳئي مقصد سان هن قدم کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي.
وزير چيو ته ماضي جون اسڪيمون ”سڀني لاءِ هڪ ئي ماپ“ واريون هيون. پر هن ڀيري ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن، جن ۾ ننڍن دڪاندارن ۽ پرچون شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن وچ ۾ فرق ڪرڻ پڻ شامل آهي.
هن سمورن واپارين تي زور ڀريو ته هو هن موقعي کي هٿان نه وڃائين.










