عوام تي هڪ ٻيو بم حملو، بجلي مهانگي

عوام تي هڪ ٻيو بم حملو، بجلي مهانگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي جي ڪري عوام تي بجلي جو بم ڪيرائي بجلي جي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت جي منظوري کان پوءِ نيپرا هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي ۾ 52 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب هلندڙ سال جي ٻئي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي صارفين تي 12.67 ارب رپين جو اضافي بار پوندو. بجلي جي صارفين کان سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي بلن ۾ واڌ وصول ڪئي ويندي.نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صارفين کان 3 مهينن لاءِ هر مهيني 52 پئسا في يونٽ واڌ وصول ڪئي ويندي. اهو اضافو ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندو، جنهن ۾ بجلي جا صارف به شامل آهن.ياد رهي ته هڪ هفتي ۾ هي ٻيو ڀيرو آهي جڏهن بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.4 سيپٽمبر تي، نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 2.6 رپيا في يونٽ واڌ لاءِ ماهوار ترتيب جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو