اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 20 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 20 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 20 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پولنگ 20 ڊسمبر تي صبح جو 8 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ تقريرن ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. شيڊول موجب مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کان نامزدگي فارم 2 کان 6 نومبر تائين وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 9 کان 13 نومبر تائين ڪئي ويندي. ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اميدوار 14 کان 18 نومبر تائين اپيلون داخل ڪري سگهندا، جن تي 19 کان 23 نومبر تائين فيصلا ڪيا ويندا. اميدوار 25 نومبر تائين نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا.اميدوارن کي 26 نومبر تي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ سان گڏ حتمي فهرست پڻ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ نتيجا مرتب ڪرڻ جو عمل 21 کان 24 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي قانون 2015ع تحت اسلام آباد ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ هو ته لڳي ٿو حڪومت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي، جنهن سبب ڪميشن مجبور ٿي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو