سکر (ن س) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي ٽرين مارچ جاري آهي، جيڪا روهڙي کان ملتان رواني ٿيندي، جڏهن ته عوام کي درپيش معاشي مسئلن جي حل ۽ پيٽروليم ليوي جي خاتمي جي مطالبي لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جي ٽرين مارچ جي شروعات ڪراچي کان ٿي، جيڪا حيدرآباد، ٽنڊو آدم، نوابشاهه سميت مختلف شهرن مان ٿيندي روهڙي سکر پهتي، جتي جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو. هن مارچ جي ڪوريج ڪندڙ ميڊيا ادارن ۽ صحافين جا ٿورا مڃيندي چيو ته ميڊيا مارچ جي ڀرپور ڪوريج ڪئي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جو بنيادي احتجاج پيٽروليم ليوي خلاف آهي. سندس چوڻ هو ته عوام پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 135 رپين کان وڌيڪ جو بار برداشت ڪري رهيو آهي، جنهن کي هن ”ڀتو ٽيڪس“ ۽ ”جگا ٽيڪس“ قرار ڏيندي ان جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. حافظ نعيم الرحمان شاليمار ايڪسپريس جي مبينا دير بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ٽرين کي حڪومتي رڪاوٽ سبب چار ڪلاڪ دير سان هلڻو پيو. هن چيو ته ٽرين ڀلي رات جو ٻن وڳي ملتان پهچي، جماعت اسلامي جا ڪارڪن ٽرين ذريعي ئي ملتان پهچندا ۽ مارچ جو سفر جاري رکيو ويندو. امير جماعت اسلامي سنڌ جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سکر مان گذري ٿو، پر ان باوجود شهرين کي صاف پاڻي جي مناسب سهولت دستياب ناهي. هن سنڌ ۾ تعليم، امن امان، صفائي ۽ بنيادي شهري سهولتن جي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. حافظ نعيم الرحمان قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ قبائلي سردارن کي اپيل ڪئي ته هو باهمي جهيڙا ختم ڪرائي علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن صفائي جي صورتحال تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪچري جا ڍير موجود آهن، جڏهن ته سنڌ جو بنيادي ڍانچو ۽ شهري سهولتون اڃا تائين سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته سنڌ ۾ هزارين اسڪول تباهه حال آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسپتالن جو انتظام غير سرڪاري ادارن حوالي ڪيو ويو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن جي وڏين سببن ۾ تعليمي نظام ۽ حڪومتي نظام جون ڪمزوريون شامل آهن، تنهن ڪري ملڪ ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي.توانائي جي شعبي بابت حافظ نعيم الرحمان آءِ پي پيز جي معاهدن ۽ حڪومتي پاليسين تي سوال اٿاريندي چيو ته پاڪستان ۾ اهڙن بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي به ادائيگيون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي سندس چوڻ موجب بجلي پيدا نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آءِ پي پيز، پيٽروليم ليوي ۽ عوام کي درپيش ٻين معاشي مسئلن خلاف جماعت اسلامي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. هن دعويٰ ڪئي ته جماعت اسلامي جي احتجاج جي نتيجي ۾ حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪيون آهن. اسلام آباد ۾ احتجاج دوران رستن ۾ ممڪن رڪاوٽن بابت حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن رستي ۾ رڪاوٽون به وڌيون ويون ته جماعت اسلامي اسلام آباد پهچڻ جي ڪوشش ڪندي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ٽرين مارچ جو مقصد پيٽروليم ليوي جي خاتمي سميت عوامي مطالبن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪومت تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ دٻاءُ وجهڻ آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي عوام کي درپيش مسئلن تي آواز بلند ڪندي رهندي ۽ پيٽروليم ليوي سميت اهڙن قدمن خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو، جن سبب سندس چوڻ موجب عوام تي اضافي مالي بار پئجي رهيو آهي.










