راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان خلاف 26 نومبر واري احتجاج جي سلسلي ۾ داخل ڪيس جو فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران عدالت محفوظ ڪيل فيصلو بغير ڪنهن ڪارروائيءَ جي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي عليمه خان جو وڪيل فيصل ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. ياد رهي ته عدالت ان کان اڳ 22 سيپٽمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. اهو فيصلو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه محفوظ ڪيو هو. عدالت اڄ چوٿون ڀيرو فيصلي جو اعلان ملتوي ڪيو آهي، جنهن سبب ڪيس جي حتمي فيصلي لاءِ وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو.










