سنڌ اسپورٽس پاليسي 2026ع سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ جو اعلان

سنڌ اسپورٽس پاليسي 2026ع سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري منور علي مهيسر چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسپورٽس پاليسي 2026ع سڄي صوبي ۾ لاڳو ٿي چڪي آهي، جيڪا صوبي ۾ راندين جي ترقي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ ثابت ٿيندي. پاليسي جو بنيادي مقصد ”راند سڀني لاءِ“ جي اصول تحت راندين کي هر فرد تائين پهچائڻ ۽ گراس روٽ ليول تان نئين ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ آهي. سنڌ اسپورٽس پاليسي 2026ع بابت پريس ڪانفرنس ڪندي منور علي مهيسر چيو ته سنڌ اسپورٽس پاليسي صوبائي وزير راندين سردار محمد بخش مهر جو ويزن هو. آئين جي 18هين ترميم تحت سنڌ حڪومت کي راندين جي شعبي ۾ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پاليسي تحت گرائونڊن جي تعمير ۽ بحالي، رانديگرن لاءِ فلاحي پروگرامن ۽ راندين جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته 7 کان 15 سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ ضلعي سطح تي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته راندين کي گراس روٽ ليول تائين وڌايو ويندو. سنڌ جي هر ڊويزن ۾ ملٽي پرپز اسپورٽس ڪمپليڪس، اڪيڊميز ۽ اسپورٽس سٽيز قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته ضلعي سطح تي به راندين جي سرگرمين کي وسيع ڪيو ويندو. سيڪريٽري راندين چيو ته تعليمي ادارن ۾ جسماني تعليم (Physical Education) ۽ راندين ۾ شرڪت لازمي قرار ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ اسپورٽس سائنس سينٽرز، بائيو مڪينڪس ليبارٽريون ۽ اينٽي ڊوپنگ سسٽم قائم ڪيا ويندا، ته جيئن رانديگرن کي جديد سهولتون فراهم ڪري سگهجن. منور علي مهيسر چيو ته رانديگرن جي فلاحي ۽ بهبود لاءِ ماهوار وظيفا، تعليمي اسڪالرشپس ۽ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. عورتن، اسپيشل ايٿليٽس ۽ پنڪ گيمز جي فروغ لاءِ پڻ خاص قدم کنيا ويندا. سنڌ سميت وفاقي سطح تي نمائندگي ڪندڙ رانديگرن کي به راندين جي کاتي پاران هٿي ۽ سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته اولمپڪ ۽ نان اولمپڪ راندين کي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اي اسپورٽس، روايتي، ثقافتي ۽ جديد راندين کي پڻ هڪجهڙي نموني هٿي ڏني ويندي. سنڌ جي قديم تهذيب موئن جو دڙو مان پڻ راندين جا آثار مليا آهن، جيڪي هن خطي ۾ راندين جي قديم روايت جي عڪاسي ڪن ٿا. رنگ، نسل، تهذيب ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي راندين کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي. سيڪريٽري راندين منور علي مهيسر چيو ته سنڌ اسپورٽس بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي ۽ بورڊ ۾ سڌارن ۽ بحالي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سنڌ اسپورٽس بورڊ جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته بورڊ جو پهريون اجلاس جلد طلب ڪيو ويندو، جنهن ۾ ملازمن ۽ انتظامي معاملن بابت فيصلا ڪيا ويندا. هن چيو ته راندين جي تنظيمن ۽ اسپورٽس ايسوسيئيشنز ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ چونڊون ۽ ريگيوليشنز متعارف ڪرايا ويا آهن. پرائيويٽ اسپورٽس ڪلبن کي پڻ اسپورٽس گورننس جي دائري ۾ آندو ويندو ۽ سمورن ڪلبن، گرائونڊن ۽ لاڳاپيل سهولتن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي. منور علي مهيسر چيو ته جن اسپورٽس ايسوسيئيشنز کي سرڪاري بجيٽ فراهم ڪئي ويندي، انهن جي سرگرمين ۽ فنڊن جي استعمال جي پڻ نگراني ڪئي ويندي. فنڊن جي معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي هر شهر ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت راندين جا ايونٽس منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته آنر پليئر پاليسي تحت باصلاحيت رانديگرن کي مختلف سرڪاري کاتن ۾ موقعا فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته سرڪاري ڪوٽا تحت رانديگرن کي نوڪريون پڻ ڏنيون وينديون. رانديگرن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ اينٽي ڊوپنگ بابت ضابطا پڻ شامل هوندا. سيڪريٽري راندين چيو ته حڪومت جو هدف 2040ع تائين راندين جي شعبي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. جاپاني حڪومت سنڌ سان رابطي ۾ آهي ۽ راندين جي فروغ لاءِ سهڪار ۾ دلچسپي رکي ٿي. پهرين مرحلي ۾ اسپورٽس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سائوٿ ايشين گيمز جا ڪجهه مقابلا سنڌ ۾ ڪرائڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اسپورٽس پاليسي تحت مخصوص ايراضي اندر راندين جون بنيادي سهولتون موجود هجڻ ضروري هوندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ اسد اسحاق چيو ته سنڌ اسپورٽس پاليسي صوبائي وزير راندين سردار محمد بخش مهر جو ويزن هو. سنڌ حڪومت پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ سمورن اسپورٽس ڪلبن، گرائونڊن ۽ لاڳاپيل سهولتن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو