گڊز ٽرانسپورٽ  پاران ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان

گڊز ٽرانسپورٽ پاران ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي.آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر، ملڪ شهزاد اعواڻ ٻڌايو ته گذريل ستن ڏينهن دوران ڊيزل جي قيمت ۾ 26.88 رپيا في ليٽر اضافو ٿيو آهي.هن نشاندهي ڪئي ته گذريل هفتي دوران پيٽرول جي قيمت ۾ به 20 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو.خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته سامان جي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ ٿيندڙ هن اضافي سبب ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو