ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي آس پاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروايون ڪندي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اي اين ايف ترجمان موجب 7 ڪاررواين دوران مجموعي طور 34.317 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي، جنهن جي ماليت 85 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي.راولپنڊي ۾ جي ٽي روڊ تي يونيورسٽي ڀرسان ڪارروائي دوران هڪ جوابدار وٽان 1.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.ترجمان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي رياض ويندڙ مسافر جي ويسٽ مان 1.072 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته ملتان ايئرپورٽ تي شارجا ويندڙ مسافر جي بيگ مان 745 گرام وزني 1080 ايڪسٽيـسي گوريون هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. فيضي آباد بس ٽرمينل ڀرسان گيزر ۾ لڪايل 12 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هيڊ محمد والا انٽرچينج ملتان ڀرسان گاڏي مان 10 ڪلوگرام آئس هٿ ڪري 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. اي اين ايف موجب ظفروال روڊ سيالڪوٽ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار جوابدار وٽان 6.5 ڪلوگرام چرس ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته چونگي نمبر 26 اسلام آباد ڀرسان گاڏي مان 1.4 ڪلوگرام آفيم، 1.2 ڪلوگرام چرس ۽ وڏي مقدار ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب گرفتار جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










