اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن واپار جي شروعات مثبت لاڙي سان ٿي، جتي 100 انڊيڪس ۾ 881 پوائنٽن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.ڪاروبار جي شروعات تي انڊيڪس 881 پوائنٽون وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 66 هزار پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. ياد رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اوچتو مندي ڇانئجي وئي هئي، جنهن سبب 100 انڊيڪس 814 پوائنٽن جي گهٽتائي سان هڪ لک 65 هزار 151 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو