فيلڊ مارشل جي کليل حمايت ڪئي وڃي: فيصل واوڊا

فيلڊ مارشل جي کليل حمايت ڪئي وڃي: فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ناگزير ٿي چڪو هو. هن چيو ته فيلڊ مارشل جي پسمنظر ۾ رهڻ بدران کين کليل نموني حمايت فراهم ڪئي وڃي. اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو صوبي جي عوام جي مفاد ۾ آهي. قومي تراني ۽ قومي جهنڊي جي بيحرمتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ جيڪي حالتون نظر اچي رهيون آهن، انهن بابت هو هڪ سال اڳ ئي نشاندهي ڪري چڪو هو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مان دهشتگردي جو هر صورت ۾ خاتمو آڻڻ ضروري آهي. فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ گذريل 13 سالن دوران هڪ مخصوص سوچ رکندڙ ڌرين جي حڪومت رهي، جنهن دوران صوبي کي تباهي کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته خيبرپختونخوا عوام جو صوبو آهي، ڪنهن جي ذاتي جاگير نه آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ ڪنهن کي به پنهنجي مرضي هلائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۽ صوبو ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي سهڪار ڪرڻو پوندو. فيصل واوڊا موجب، پاڪ فوج ۽ پوليس اهلڪارن سميت ساڍا ست هزار ماڻهو شهادت ماڻي چڪا آهن. هن چيو ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کان به سوال پڇيا ويندا، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ نئون سيٽ اپ اچي چڪو آهي، جنهن وٽ هاڻي ناڪاميءَ جو ڪو به جواز نه هوندو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر فيلڊ مارشل جي کليل حمايت تي زور ڏيندي چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو بنيادي مقصد ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنهن هڪ اڳواڻ جي نالي سان سڃاڻپ نٿو رکي، پر ملڪ پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو. هن چيو ته قومي سلامتي ۽ ملڪ جي استحڪام کي اوليت ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گڏيل ڪوششون ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو