ٽنڊو باگو، غربت سبب ناري جي مبينا آپگهات

ٽنڊو باگو، غربت سبب ناري جي مبينا آپگهات

بدين (رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ)ٽنڊو باگو ڀرسان ڳوٺ بچل پنهور ۾ غربت ۽ بک جي عذاب ۾ مبتلا خاندان جي 17 ورهين جي ناري مبينا طور گهر ۾ پيل بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن موجب گهر ۾ ٽن ڏينهن کان اٽو نه هجڻ سبب خاندان سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو. افسوسناڪ واقعي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ واري فضا ڇانئجي وئی اطلاعن موجب ڳوٺ بچل پنهور جي رهواسڻ، الله ڏني پنهور جي 17 ورهين جي ڌيءَ، جنهن جي سڃاڻپ نالي جي پهرين اکر ’ن‘ سان ڄاڻائي وئي آهي، مبينا طور گهر ۾ موجود بندوق سان فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حياتي ختم ٿي وئي واقعي جو اطلاع ملڻ تي ٽنڊو باگو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ فوت ٿيل ناري جي والدين سميت ٻين مائٽن جا بيان قلمبند ڪيا. پوليس جي شروعاتي ڪارروائي کانپوءِ وارثن کي مڙهه جي تدفين جي اجازت ڏني وئي ٽنڊو باگو جي ايس ايڇ او انور علي لغاري موجب، شروعاتي ڄاڻ مطابق غريب خاندان ٽن ڏينهن کان بک ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو هو، جنهن صورتحال ۾ ناري مبينا طور انتهائي قدم کنيو واقعي غربت، بک ۽ وڌندڙ معاشي بدحالي سبب عام ماڻهن جي ڏکيائين بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. علائقي واسين ۾ ڏک ۽ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي، جڏهن ته متاثر خاندانن کي خوراڪ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو