مبينا پوليس مقابلا، 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

مبينا پوليس مقابلا، 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي ٽن مختلف علائقن ۾ پوليس مبينا مقابلن دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدارن وٽان هٿيار، ڦر ڪيل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس موجب سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس فقيره ڳوٺ ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف پيرآباد پوليس قصبو ڪالوني ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جتي پوليس پارٽيءَ کي ڏسندي ئي جوابدار فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ٻن ڏينهن اڳ 30 ورهين جي محمد شاهه جي قتل ۾ ملوث آهي. هوڏانهن منگهو پير پوليس اجتماع گاهه روڊ ڀرسان ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، ڦر ڪيل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون.پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو