پشاور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير براءِ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان امير مقام دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي جي مبينا غيرقانوني قدمن سبب صوبي ۾ گورنر راڄ لاءِ گهربل قانوني شرط پورا ٿين ٿا. هن چيو ته گورنر راڄ هڪ آپشن آهي ۽ اڳتي ڪنهن به وقت ڪا به صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير مقام چيو ته خيبرپختونخوا جون حالتون سڀني جي سامهون آهن ۽ صوبي جا ماڻهو ڊگهي عرصي کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ موجب خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ۽ پارٽي 13 سال حڪومت ڪئي، پر عوام جنهن مقصد لاءِ ووٽ ڏنو هو، اهو نظر نٿو اچي. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته موجوده وڏي وزير وٽ حڪومت هلائڻ جو تجربو ناهي ۽ صوبائي حڪومت اڃا تائين پنهنجي ترجيحن بابت واضح ناهي. هن صوبائي حڪومت تي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن بابت گهربل ڌيان نه ڏيڻ جو الزام به هنيو. امير مقام چيو ته صوبي جو سڀ کان وڏو مسئلو امن امان آهي ۽ امن کانسواءِ ترقي ڏانهن اڳتي وڌڻ ڏکيو آهي. هن امن جي قيام ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڏنو. دهشتگردي بابت ڳالهائيندي هن پي ٽي آءِ قيادت جي ڪجهه بيانن تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار جانيون ڏئي رهيا آهن، تنهن ڪري سندن قربانين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. هن سھيل آفريدي جي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي ته صوبائي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح حڪمت عملي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙين حالتن جو اثر صوبي جي امن امان واري صورتحال تي پئجي سگهي ٿو.
پوليس جي اختيارن بابت به اعتراض
امير مقام دعويٰ ڪئي ته وڏي وزير آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي پنهنجي ماتحت رکڻ چاهي ٿو ۽ صوبائي حڪومت پوليس جي انتظامي معاملن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سندس چوڻ موجب اهڙن قدمن سان پوليس جي ڪارڪردگي ۽ مورال تي اثر پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته رستا بند هجڻ سبب خيبرپختونخوا جا شهري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ موجب وڏي وزير طرفان 27 سيپٽمبر جي تاريخ ڏني وئي هئي، تنهن ڪري هاڻي اهو به واضح ٿيڻ گهرجي ته ڪيترا ماڻهو ان سان گڏ بيهن ٿا.
امير مقام طالبان کي واپس آڻڻ ۽ افغانستان سان ڳالهين بابت پي ٽي آءِ جي موقف تي به تنقيد ڪئي. هن دعويٰ ڪئي ته دهشتگردي خلاف صوبائي حڪومت جي حڪمت عملي واضح نظر نٿي اچي.
گورنر راڄ بابت امير مقام جو موقف
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته سندس نظر ۾ سھيل آفريدي جي حڪومت موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي رهي آهي ۽ گورنر راڄ هڪ آئيني آپشن طور موجود آهي.امير مقام دعويٰ ڪئي ته 27 سيپٽمبر تي رٿيل لانگ مارچ بابت رپورٽون اچڻ کانپوءِ ان کي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو ويو. هن اهو به چيو ته سھيل آفريدي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪيو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وڏي وزير جي مبينا غيرقانوني قدمن بابت سندس موقف اهو آهي ته گورنر راڄ لاءِ قانوني گنجائش موجود آهي. هن چيو ته گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي ’نفيس ماڻهو‘ آهن ۽ اڳتي ڪنهن به وقت ڪا به صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: امير مقام
ڳالهين بابت سوال تي امير مقام چيو ته شهباز شريف اپوزيشن ليڊر هوندي به ڳالهين جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته حڪومت مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ڪنهن هڪ شخص جي مخصوص ايجنڊا تي ڳالهين لاءِ تيار ناهي.










