ليگي قيادت سان افتخار گيلاني ۽ اسپيڪر جي ملاقات

ليگي قيادت سان افتخار گيلاني ۽ اسپيڪر جي ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر محمد نوازشريف، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان آزاد جمون، ڪشمير جي وزيراعظم افتخار گيلاني ۽ اسپيڪر طارق فاروق ملاقات ڪئي.آزاد جمون، ڪشمير جي وزيراعظم افتار گيلاني ۽ اسپيڪر طارق فاروق اعتماد جي اظهار تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. صدر مسلم ليگ(ن) محمد نوازشريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف آزاد جمون ڪشمير جي وزيراعظم افتخار گيلاني ۽ اسپيڪر طارق فاروق جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي مبارڪباد ڏني.پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت آزاد ڪشمير جي عوام جي مسئلن جي فوري حل جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪستان مسلم ليگ(ن) آزاد ڪشمير ۾ صحت، تعليم، صفائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري جي لاءِ پهريان 100 ڏينهن تي ٻڌل اصلاحي منصوبو وزيراعظم آزاد ڪشمير سان شيئر ڪيو. محمد نوازشريف پنجاب جيان آزاد جمون، ڪشمير کي جدت ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. انهي کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف رائيونڊ ۾ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات جي دوران اهم ملڪي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو