نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)دنيا جي اهم مصنوعي ذهانت (AI) ڪمپنين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خبردار ڪيو ته مصنوعي ذهانت انسانيت لاءِ خطرا پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ حڪومتن تي زور ڀريو ته اهي گڏجي هن وڌندڙ طاقتور ٽيڪنالاجي کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن.
رائٽرز جي رپورٽ وجب اينٿروپڪ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاريو اَمودي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو، جيڪا عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي ذميوار آهي، ته جيڪڏهن مصنوعي ذهانت کي مناسب طريقي سان منظم نه ڪيو ويو ته سندس خيال ۾ ”AI مجموعي طور انسانيت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.“
فرانس طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس دوران، جنهن ۾ دنيا جا اڳواڻ شرڪت ڪندا آهن، طلب ڪيل هي اجلاس اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن خبردار ڪيو پيو وڃي ته مصنوعي ذهانت جا نظام جلد ئي پاڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا ۽ انساني ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري سگهن ٿا.
امودي چيو: ”هن ڪمري ۾ موجود ماڻهن جي وچ ۾ ڀلي ڪيترا ئي اختلاف هجن، پر اسان کي اهي اختلاف هڪ طرف رکڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته اسان کي هڪ ئي وقت درپيش هن عالمي موقعي ۽ عالمي خطري کي منهن ڏيڻو آهي. ڪو به اڳواڻ، ڪا به ڪمپني ۽ ڪا به قوم اهو ڪم اڪيلي سر نٿي ڪري سگهي.“
دنيا جون حڪومتون مصنوعي ذهانت ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقي سان گڏ هلڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. AI جي ترقيءَ ۾ دنيا جا ٻه اهم طاقتور ملڪ، آمريڪا ۽ چين، ان جي نگراني ۽ ضابطن بابت مختلف طريقا اختيار ڪري رهيا آهن.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو موقف رهيو آهي ته آمريڪا کي مصنوعي ذهانت لاءِ نون مخصوص ضابطن جي ضرورت ناهي، جڏهن ته چين AI جي الگورٿمن ۽ تربيت لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊيٽا بابت ضابطا لاڳو ڪيا آهن. انهن ضابطن ۾ اهو شرط به شامل آهي ته مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪيل مواد کي واضح طور تي نشان لڳايو وڃي.
هگنگ فيس جي گڏيل باني ڪليمينٽ ڊيلانگ مصنوعي ذهانت جي اوزارن جي سائبر حملن خلاف دفاع ۾ ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن هڪ اهڙي واقعي جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ جا مصنوعي ذهانت وارا ايجنٽ پنهنجي آزمائشي ماحول مان نڪري هگنگ فيس جي نظام ۾ داخل ٿي ويا هئا.
هن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو: ”اسان تي AI ذريعي حملو ڪيو ويو، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجو دفاع به AI ذريعي ڪيو.“
سلامتي ڪائونسل جا ميمبر، جن ۾ AI جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جا اهم حريف آمريڪا ۽ چين پڻ شامل آهن، پڻ اجلاس کي خطاب ڪرڻ وارا هئا.
ڊيلانگ چيو ته اوپن اي آءِ جي AI ايجنٽن جي حملي خلاف دفاع لاءِ هگنگ فيس هڪ چيني مصنوعي ذهانت واري ماڊل تي ڀروسو ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان تي آمريڪي ساڳين اوزارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ پابنديون هيون.
سندس بيانن مان مصنوعي ذهانت جي چيني شين جي وڌندڙ موجودگي به ظاهر ٿي، جيڪي دنيا ڀر ۾ صارف حاصل ڪري رهيا آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهي آمريڪي ماڊلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ خرچ وارا متبادل فراهم ڪري سگهن ٿا.
اوپن اي آءِ جي سربراهه سام آلٽمين سلامتي ڪائونسل کي چيو:
”جيڪڏهن AI کي جمهوري بڻائڻو آهي ته اهم ترين فيصلا رڳو سان فرانسسڪو جي ليبارٽرين ۾ نٿا ٿي سگهن. اهي فيصلا جمهوري عملن ۽ انهن حڪومتن ذريعي ٿيڻ گهرجن، جيڪي انهن ماڻهن اڳيان جوابده هجن، جن جي خدمت لاءِ اهي حڪومتون قائم آهن.“
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿني البانيز نيويارڪ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اوپن اي آءِ طرفان تيار ڪيل هڪ AI ايجنٽ جون ۾ آسٽريليا جي هڪ سرڪاري ويب سائيٽ ۾ داخل ٿيو ۽ عوامي توڙي غير عوامي فائلن تائين رسائي حاصل ڪئي.
آمريڪا جو گڏيل قومن کي جواب: جنهن ٽيڪنالاجي کي نٿا سمجهو، ان کي ضابطن ۾ نٿا آڻي سگهو
ڪينيڊا جو يوشوا بينگيو، جنهن کي مصنوعي ذهانت جي ”باني پيئرن“ مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان گذريل سال قائم ڪيل آزاد عالمي سائنسي پينل جو گڏيل سربراهه پڻ آهي، سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو: ”خطرا حقيقي ۽ ويجهي مستقبل جا آهن.“
هن چيو: ”هن ڪائونسل کي هڪ اهڙي بي مثال خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو ان جا ڪوبه ميمبر پاڻ اختيار نه ڪندو، جنهن کي ڪو به ملڪ اڪيلي سر قابو نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪو انهن سرحدن جو احترام نٿو ڪري، جن جو اسين دفاع ڪندا آهيون.“
ٽرمپ اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ دنيا جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته هو AI کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ”عالمي نظام قائم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ٿو“. هن مصنوعي ذهانت کي شاندار ٽيڪنالاجي قرار ڏنو، پر ساڳئي وقت چيو ته آمريڪا ان معاملي ۾ احتياط ڪندو.
وائيٽ هائوس جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت صلاحڪار مائيڪل ڪريٽسيوس به اربع ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب دوران ٽرمپ جي موقف جي حمايت ڪئي.
هن چيو: ”جنهن ٽيڪنالاجي کي توهان سمجهو ئي نٿا، ان کي ضابطن ۾ نٿا آڻي سگهو. هن اداري ۽ ان جهڙن ٻين ادارن کي عالمي ضابطن جو نظام قائم ڪرڻ بدران بهترين طريقا هڪ ٻئي سان ونڊڻ ۽ ملڪن اندر صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.“
چين جي گڏيل قومن ۾ سفير فو ڪانگ چيو ته مصنوعي ذهانت بابت ضابطن جي فريم ورڪن کي مسلسل بهتر بڻائڻ، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سرحدن کان پار سهڪار ضروري آهي.
هن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو: ”عالمي برادري لاءِ ضروري آهي ته اها وڌيڪ ويجهڙائي سان گڏجي ڪم ڪري، ترقي ۽ سلامتي ٻنهي کي برابر اهميت ڏئي ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقي کي مثبت رخ، ڀلائي ۽ انسانيت جي مفاد لاءِ اڳتي وڌائي.“
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڊگهي عرصي کان مصنوعي ذهانت لاءِ عالمي ضابطن ۽ نگراني جي حمايت ڪندو رهيو آهي. هو خبردار ڪري چڪو آهي ته تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ مصنوعي ذهانت اهڙا خطرا پيدا ڪري رهي آهي، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ان معاملي تي سندس موقف کيس ٽرمپ جي موقف جي ابتڙ بيهاري ٿو.
سلامتي ڪائونسل 2023ع ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي ذهانت جي خطرن بابت اجلاس ڪيو هو. ان وقت چين چيو هو ته هن ٽيڪنالاجي کي ”قابو کان ٻاهر ڀڄندڙ گهوڙو“ نه بڻجڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو هو ته مصنوعي ذهانت کي ماڻهن جي اظهار کي روڪڻ يا انهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.
2024ع ۾ ان وقت جي آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن سلامتي ڪائونسل جي مصنوعي ذهانت بابت اجلاس جي صدارت ڪئي هئي.










