واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ايران سان امن معاهدي تائين پهچڻ انتهائي ڏکيو آهي. آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي مارڪو روبيو خبردار ڪيو ته جيستائين تهران آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ بند نٿو ڪري، تيستائين واشنگٽن ايران تي اقتصادي دٻاءُ برقرار رکندو. سندس دعويٰ هئي ته اهم سامونڊي گذرگاهه تان تيل بردار جهازن جي اچ وڃ جنگ کان اڳ واري سطح جي 80 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته ايران اهڙين دعوائن جي بار بار ترديد ڪندو رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير آبنائي هرمز ۾ سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائڻ وارين مبينا ايراني ڪاررواين تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ تهران تي زور ڏنو ته اهڙا حملا بند ڪيا وڃن. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ايراني پاسدارانِ انقلاب اطلاع ڏنو هو ته آبنائي هرمز ۾ ٻه آئل ٽينڪر سامونڊي بارودي سرنگن سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ باهه جي ور چڙهي ويا.










