ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن کي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي ڊيجيٽل نظام سان ڳنڍڻ لاءِ اڪيڊمڪ رڪارڊ انٽيگريشن پراجيڪٽ’ تحت معاهدو ڪري ورتو آهي. ان قدم جو مقصد شاگردن جي تعليمي رڪارڊ کي محفوظ بڻائڻ، سندن جي صحيح تصديق ۽ امتحاني نظام ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ آهي. ان موقعي تي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جنهن صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن کي نادرا جي ڊيجيٽل نظام سان ڳنڍڻ لاءِ معاهدو ڪيو آهي. هي قدم صوبي ۾ تعليمي رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ امتحاني نظام کي جديد تقاضن سان هم آهنگ ڪرڻ جي طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ جي آفيس ۾ منعقد ڪيل معاهدي جي تقريب ۾ يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جو وزير محمد اسماعيل راهو، سيڪريٽري محمد عباس بلوچ، ڊائريڪٽر جنرل نادرا ڪراچي عامر علي خان ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جا چيئرمين موجود هئا. محمد اسماعيل راهو چيو ته ان قدم تحت سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن کي نادرا جي محفوظ ڊيجيٽل نظام سان ڳنڍيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن جو تعليمي رڪارڊ ڊيجيٽل طور تي محفوظ ۽ تصديق جوڳو ٿيندو. هن چيو ته ان نظام سان جعلي سندون ۽ ڪنهن ٻئي اميدوار جي جڳهه تي امتحان ڏيڻ جهڙن غير قانوني عملن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي وزير محمد اسماعيل راهو ٻڌايو ته معاهدي تحت شاگردن جون تصديق ٿيل تعليمي سندون ‘پاڪ آئي ڊي’ تي موجوجد هونديون، جڏهن ته صوبي جي هر شاگرد لاءِ هڪ منفرد سڃاڻپ نمبر مختص ڪرڻ جو طريقو پڻ جوڙيو ويندو، ته جيئن تعليمي رڪارڊ جي صحيح سڃاڻپ ۽ تصديق کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي نظام ۾ شفافيت، صحيح رڪارڊ جي دستيابي ۽ امتحاني عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. ان منصوبي سان تعليمي سندن جي تصديق ۾ آساني پيدا ٿيندي، دستي دستاويزن تي ڀاڙڻ گهٽبو ۽ تعليمي نظام تي عوامي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل نادرا ڪراچي عامر علي خان ٻڌايو ته نادرا جي طرفان سمورن تعليمي بورڊن کي اڪيڊمڪ رڪارڊ انٽيگريشن جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي. ان سان شاگردن جي تعليمي رڪارڊ جي انتظام، سندن جي تصديق ۽ محفوظ ڊيجيٽل نظام جي قيام ۾ مدد ملندي. سنڌ حڪومت ۽ نادرا جي وچ ۾ ٿيل هي معاهدو صوبي جي تعليمي نظام کي جديد ڊيجيٽل سهولتن سان جوڙڻ ۽ امتحانن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي.










