ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گڏيل قومن جي صنعتي ترقي واري اداري (يونيڊو) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر محترمه فاتو حيدرا، جامع معاشي ترقي، موسمياتي تبديلين جا اثر برداشت ڪندڙ انفراسٽرڪچر، ڳوٺاڻي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. يونيڊو پنهنجي پروگرام فار ڪنٽري پارٽنرشپ (پي سي پي) 2025ع کان 2030ع تحت سنڌ لاءِ مخصوص ترقياتي پروگرام جي مد ۾ لڳ ڀڳ 40 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي۔اهو اتفاق وڏي وزير هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين يورپي يونين جي مالي سهڪار سان جاري غربت جي خاتمي ۽ ڳوٺاڻي سنڌ ۾ جامع ترقيءَ واري پروگرام (پائيدار) تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، ڪامياب ترقياتي قدمن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پٺتي پيل برادرين جي روزگار جا وسيلا بهتر بڻائڻ ۽ پائيدار معاشي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سهڪار جي نون شعبن جو جائزو ورتو۔اجلاس ۾ صوبائي وزير محنت سعيد غني، وزير منصوبابندي ۽ ترقي ڄام خان شورو، وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص معاون سيد قاسم نويد، چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري سماجي تحفظ خادم چنه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري سيڙپڪاري ظهور مري شرڪت ڪئي۔يونيڊو جي وفد ۾ ايشيا پئسفڪ خطي جو سربراهه جي ژائو، يونيڊو جو قائم مقام انچارج بدرالاسلام ۽ پائيدار پروگرام جو قومي ٽيڪنيڪل صلاحڪار فاروق احمد صديقي شامل هئا۔وڏي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ حڪومت سان يونيڊو جي مسلسل سهڪار کي ساراهيو، خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي آبادين، ڪاروباري ادارن جي ترقي ۽ 2022ع جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏن کانپوءِ موسمياتي تبديلين جا اثر برداشت ڪندڙ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ اداري جي سهڪار کي ساراهيو۔وزير منصوبابندي ۽ ترقي ڄام خان شوري اجلاس کي ٻڌايو ته يورپي يونين جي 49.55 ملين يورو جي گرانٽ سان يونيڊو جي سهڪار هيٺ هلندڙ پائيدار پروگرام ضلعي ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ لاڙڪاڻي ۾ غربت گهٽائڻ، مقامي معيشتن کي مضبوط ڪرڻ، عوامي خدمتون بهتر بڻائڻ ۽ عورتن توڙي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔هن پروگرام ۾ ٻهراڙيءَ جي انفراسٽرڪچر ۽ ڪميونٽي جي سهولتن ۾ سيڙپڪاري سان گڏ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايم ايس ايم ايز) لاءِ مالي گرانٽون، ٽيڪنيڪل سهڪار ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جا قدم شامل آهن۔وڏي وزير سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) جي سهڪار سان موسمياتي تبديلين جا اثر برداشت ڪندڙ آبادين جي رٿابندي ذريعي ٻوڏ متاثر برادرين جي بحاليءَ ۾ پروگرام جي ڪردار کي ساراهيو. هن نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ يا موجوده ڪاروبار کي وڌائڻ جي خواهشمند ٻهراڙيءَ جي واپارين لاءِ سهڪار کي پڻ ساراهيو۔وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد اهڙن فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا مثال پيش ڪيا، جن مالي سهڪار کي ڪامياب ڪاروبار ۾ تبديل ڪيو. انهن ۾ بدين ۾ ريسٽورنٽ کوليندڙ هڪ عورت ڪاروباري شخصيت ۽ لاڙڪاڻي ۾ فلور مل سان لاڳاپيل پاستا ٺاهڻ جو يونٽ قائم ڪندڙ هڪ ڪاروباري شخص شامل آهن۔ هن چيو ته اهي قدم ظاهر ڪن ٿا ته هدف تحت مالي مدد، ڪاروباري ترقيءَ لاءِ سهڪار ۽ مارڪيٽن تائين رسائي، ٻهراڙيءَ جي سنڌ ۾ روزگار پيدا ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪيئن مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا۔اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پائيدار پروگرام جي پنجن ضلعن ۾ لڳ ڀڳ 300 ڳوٺن لاءِ ڪميونٽي ريزيلينٽ سيٽلمينٽ ڊولپمينٽ پلانز (سي آر ايس ڊي پيز) تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي رٿابندي، مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ ڪميونٽي جي بهتر سهولتن لاءِ بنياد فراهم ڪن ٿا۔ ٺٽي ۾ ايس پي ايڇ ايف جي سهڪار سان لاکو ڀنڀرو ۾ ماڊل ڳوٺ قائم ڪرڻ کانپوءِ يونيڊو ان طريقيڪار کي وڌيڪ 100 ڳوٺن تائين وڌائڻ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي۔ماڊل ڳوٺ واري منصوبي ۾ ڪميونٽي لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر شامل آهي، جنهن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، نيڪال جو نظام، رستا، توانائيءَ جي بچت ڪندڙ سهولتون ۽ زندگيءَ جا حالات بهتر بڻائڻ توڙي موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ٻيا قدم شامل آهن۔پروگرام ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ جا مرڪز (آر جي سيز) قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري رهيو آهي، ته جيئن عوامي خدمتن تائين رسائي بهتر ٿئي، مقامي معاشي سرگرمين کي هٿي ملي ۽ ڪاروباري ترقيءَ جا موقعا پيدا ٿين۔وڏي وزير ان گڏيل طريقيڪار کي ساراهيندي زور ڀريو ته ڪميونٽي جي انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي وسيلن بابت منصوبن مان ٻهراڙيءَ جي آباديءَ کي ڊگهي مدي وارا فائدا ملڻ گهرجن۔روزگار بابت هڪ اهم قدم جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پائيدار پروگرام پنجن هدفن وارن ضلعن جي 200 نوجوانن کي معتبر تربيتي ادارن ذريعي هنر جي سکيا فراهم ڪندو۔تجويز ڪيل 9 کان 12 مهينن جي تربيتي پروگرامن ۾ هوٽل ۽ مهمان نوازي، برقي گاڏين، شمسي توانائيءَ جي ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اهڙن شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو، جن ۾ روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جا بهتر امڪان موجود آهن۔ هن قدم جو مقصد نوجوانن کي بدلجندڙ ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق عملي مهارتون فراهم ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي نوڪريون حاصل ڪري سگهن، پنهنجا ڪاروبار قائم ڪن ۽ مقامي معاشي ترقيءَ ۾ حصو وٺن۔ وڏي وزير ان قدم جي آجيان ڪندي زور ڏنو ته هنر جي تربيت کي مارڪيٽ جي گهرج ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ جي اڀرندڙ موقعن سان هم آهنگ ڪيو وڃي۔اجلاس ۾ يونيڊو پاران سنڌ ڊولپمينٽ پورٽ فوليو مئنيجمينٽ سسٽم (ايس ڊي پي ايم ايس) تيار ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيل ٽيڪنيڪل سهڪار جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو نظام کاتي منصوبابندي ۽ ترقيءَ جي سهڪار سان لاڳو ڪيو پيو وڃي۔ هن ڊجيٽل پليٽ فارم جو مقصد ترقياتي منصوبن جي مڪمل چڪر جا اهم مرحلا، جن ۾ رٿابندي، جائزو، منظوريون، دستاويز، نگراني، جائزي ۽ رپورٽنگ شامل آهن، هڪ هنڌ گڏ ڪري صوبائي ترقياتي منصوبن جي انتظام کي جديد بڻائڻ آهي.هي نظام پي سي ون کان پي سي فائيو تائين دستاويزن جي ڊجيٽل ڪارروائيءَ جي سهولت فراهم ڪري ٿو ۽ ترقياتي اسڪيمن تي عملدرآمد ۾ شفافيت، انتظامي ڪارڪردگي، جوابدهي ۽ ثبوتن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي۔چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي نجم شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته هي نظام لڳ ڀڳ ڏيڍ مهيني کان فعال آهي ۽ سرڪاري کاتن توڙي منصوبن تي عملدرآمد ڪندڙ يونٽن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي۔هن وڏي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ته ٻن اهم حصن، يعني موبائل ايپليڪيشن جي تياري ۽ آزمائش، ۽ مصنوعي ذهانت جي هڪ اوزار کي نظام ۾ شامل ڪرڻ جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي۔اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن نظام جو دائرو وڌي 3,715 فعال ترقياتي اسڪيمن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ان جا لڳ ڀڳ 250 استعمال ڪندڙ آهن. ان جي سهولتن ۾ ترقياتي تجويزن تي ڊجيٽل ڪارروائي، آن لائين نگراني ۽ رپورٽنگ، فنڊن جي ٻيهر ورڇ جا مرحلا ۽ کاتيوار توڙي صوبائي ترقياتي فورمن جي سهڪار شامل آهن۔اجلاس جو هڪ اهم موضوع يونيڊو جي پروگرام فار ڪنٽري پارٽنرشپ 2025ع کان 2030ع تحت سنڌ لاءِ مخصوص پروگرام تيار ڪرڻ هو۔ محترمه فاتو حيدرا وڏي وزير کي ٻڌايو ته پاڪستان يونيڊو سان پي سي پي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ادارو صوبي جي ترقياتي ضرورتن ۽ ترجيحن جي بنياد تي سنڌ لاءِ مخصوص پروگرام تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته يونيڊو تجويز ڪيل پروگرام جي سهڪار لاءِ لڳ ڀڳ 40 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔وڏي وزير ان قدم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ موسمياتي تبديلين واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وفاقي ڌرين سان سهڪار ۽ رابطا ڪرڻ، ۽ ان کي ترجيحي ترقياتي پروگرام طور منظوري ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي.










