سنڌ ۾ زرعي ترقيءَ لاءِ چين سان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

سنڌ ۾ زرعي ترقيءَ لاءِ چين سان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر زراعت واري سيڪريٽري محمد زمان ناريجو سان گڏ چين جي صوبي هوبي ۾ واقع هواڙونگ زرعي يونيورسٽيءَ جو دورو ڪيو، جتي چين جي صوبي هوبي جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبائي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي هوبي جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبائي وزير کي زرعي تحقيق، جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جاري تحقيقي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري جي موقعي تي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي چين جي صوبي هوبي جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات به ٿي، جنهن ۾ زرعي شعبي ۾ باهمي تعاون، جديد زرعي ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ ۽ زرعي تحقيق کي فروغ ڏيڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته ان دوري جو مقصد زرعي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۽ چين جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته چين سان تعاون سان سنڌ ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ فصلن جون بهتر جنسون متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پاڻي ۽ ٻين زرعي وسيلن جي اثرائتو استعمال ۽ موسمي تبديلين جي اثرن سان منهن ڏيڻ جا موقعا به پيدا ٿي سگهن ٿا. سردار محمد بخش خان مهر وڌيڪ چيو ته چين جي تجربن ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي سنڌ جي هارين کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو ۽ صوبي جي زرعي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. دوري جي موقعي تي سنڌ جو زراعت وارو سيڪريٽري محمد زمان ناريجو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به صوبائي وزير سان گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو