اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت موٽرويز سميت مختلف منصوبن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي تحت مڪمل ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا موٽرويز سميت مختلف منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت مڪمل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پهرين مرحلي ۾ 4 منصوبن کي انهي نظام جي تحت آڻڻ تي اتفاق ٿيو آهي.انهي سلسلي ۾ وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي سان گڏ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن جي 4 منصوبن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت آڻڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ منصوبن جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.عبدالعليم خان موٽر وي ايم 10 جي 169 ڪلو ميٽر ڊگهي سيڪٽر کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت مڪمل ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته مانسهره، ناران، جهالڪنڊ ۽ چلاس جي موٽروي کي چين جي بارڊر سان جوڙڻ چاهيون ٿا. جڏهن ته سيالڪوٽ، کهاريان موٽر وي ايم 12 به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت تعمير هيٺ آهي.وفاقي وزير مواصلات چيو ته گرونانڪ ايڪسپريس وي سک ڪميوٽي جي لاءِ اهميت رکي ٿي، انهي کي به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو. اهو ايڪسپريس وي سکن جي مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته مري ايڪسپريس وي کي ڪشمير تائين واڌ ڏيڻ سان سياحت کي به نمايان ترقي ملي سگهي ٿي.عبدالعليم خان اين ايڇ اي اختيارين کي باقاعده بزنس پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن منصوبن کي اوليت جي بينادن تي سامهون آندو وڃي جنهن کي آساني سان مارڪيٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته اين ايڇ اي جي روينيو ۾ نمايان اضافو حوصلو ڏيندڙ آهي ۽ ادارو مالي خودمختاري طرف گامزن آهي.وفاقي وزير مواصلات چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اين ايڇ اي کي 500 کان 1000 ارب روپين جو ادارو بنايو وڃي ته جيئن حڪومت جي ترقياتي پروگرام ۽ فنڊز تي انهي جو بار گهٽ ٿي سگهي. انهي موقعي تي وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي اين ايڇ اي کي مڪمل تعاون ۽ منصوبن ۾ ڀائيواري جي يقين دهاني ڪرائي.اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن شروعاتي ڪم فوري طور تي مڪمل ڪندا، هڪ هفتي کان پوءِ ٻيهر اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾ وفاقي سيڪريٽري مواصلات، چيئرمين اين ايڇ اي ۽ نجڪاري ڪميشن جي ڪارپوريٽ بيڊ به شرڪت ڪئي.










