عليمه خان بعد نورين ۽ عظميٰ به گرفتار، جيل منتقل

عليمه خان بعد نورين ۽ عظميٰ به گرفتار، جيل منتقل

لاهور (ويب ڊيسڪ) عليمه خان کان پوءِ، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٻين ٻن ڀينرن نورين نيازي ۽ عظما خان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، پوليس پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن، نورين نيازي ۽ عظما خان کي ان ڪريڪ ڊائون (ڪارروائي) دوران گرفتار ڪيو، جيڪو 27 سيپٽمبر تي مقرر تحريڪ انصاف جي احتجاج جي سلسلي ۾ شروع ڪيو ويو هو.خاندان جي ميمبرن ٻڌايو ته عظما ۽ نورين خان کي دير رات سندن ٻارن سميت گرفتار ڪيو ويو؛ جڏهن ته گرفتاريءَ کان پوءِ ٻارن ۽ خاندان جي ٻين ميمبرن کي آزاد ڪيو ويو.3-ايم پي او (عوامي امن امان جي بحاليءَ واري قانون) تحت گرفتاريءَ کان پوءِ، نورين نيازي ۽ عظما خان کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو.لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر عظما ۽ نورين خان جي نظربنديءَ جا حڪم جاري ڪندي هدايت ڪئي ته کين 30 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو وڃي.لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر موجب، ٻنهي کي عوامي امن امان لاءِ خطرو بڻجڻ جي خدشي سبب جيل موڪليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو