نائن اليون جا 25 سال ۽ افغانستان، اميد کان مايوسي جو سفر

نائن اليون جا 25 سال ۽ افغانستان، اميد کان مايوسي جو سفر

ليکڪ: ضياءُ الرحمان
نائن اليون واري واقعي کي 25 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اها ئي تاريخ هئي، جنهن افغانستان کي بدلائي ڇڏيو، خطي جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو ۽ عالمي سياست جو رخ موڙي ڇڏيو.
پاليسي رپورٽون، فوجي مهمون ۽ ٻين امدادي انگن اکرن ذريعي هن ڪهاڻي جو هڪ پاسو سامهون اچي ٿو، پر ٻئي طرف اهي عام افغان شهري آهن، جن هن ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ عرصي دوران پنهنجين اکين سان پاڻ سان ڪيل واعدن کي ٽٽندي ڏٺو.
بشار خلجي جي زندگي به انهيءَ سفر جي عڪاسي ڪري ٿي. سندس خاندان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ افغانستان جي گهرو ويڙهه دوران ملڪ ڇڏي ويو ۽ پاڪستان ۾ پناهگير طور سندس پرورش ٿي، تنهن هوندي به سندس خاندان جا افغانستان سان ويجها لاڳاپا برقرار رهيا.
۽ پوءِ سيپٽمبر 2001ع اچي ويو!
نائن اليون واري واقعي کان پوءِ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي فوجن افغانستان تي حملو ڪيو، طالبان جي پهرين حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ ڪابل ۾ نئين جمهوري حڪومت جي حمايت ڪئي. ان کان پوءِ ٻن ڏهاڪن تائين رياست جي جوڙجڪ، جمهوريت، عورتن جي حقن ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ تجربو جاري رهيو، جنهن خلجي سميت افغان نوجوانن جي هڪ نسل لاءِ نوان امڪان پيدا ڪيا.
2004ع ۾ 27 ورهين جو خلجي پنهنجي خاندان سان گڏ افغانستان واپس آيو. کيس يقين هو ته سندس ملڪ خوشحال مستقبل ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن ڪابل يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ هڪ اهڙي مغربي امداد سان هلندڙ غير سرڪاري تنظيم ۾ نوڪري اختيار ڪئي، جيڪا ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ شهري ادارا قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي.
اڄ نائن اليون واري واقعي کان 25 سال پوءِ خلجي جو خواب پورو ٿيڻ بدران هڪ المياتي انجام سان ٻيهر پنهنجي شروعاتي نقطي تي پهچي ويو آهي. آمريڪي فوج جي واپسيءَ کان پوءِ 2021ع ۾ طالبان ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويا. ڪابل ۾ قائم ڪيل سياسي نظام پرڏيهي سرمائي، فوجي طاقت ۽ سياسي حمايت جي انتهائي ڪمزور بنيادن تي بيٺل هو.
زوال جا سبب
ان پراميد دور دوران خلجي افغانستان ۾ ايندڙ تبديلين جو سخت حامي هو. هو متحرڪ ميڊيا، لکين ٻارن، خاص طور ڇوڪرين جي اسڪول وڃڻ، يونيورسٽين جي ڦهلاءَ ۽ وڏي تعداد ۾ عورتن جي پهريون ڀيرو روزگار جي ميدان ۾ شامل ٿيڻ کي افغانستان جي تبديليءَ جون نشانيون قرار ڏيندو هو. رائٽرز موجب 2020ع ۾ افغان افرادي قوت ۾ عورتن جو حصو 16.5 سيڪڙو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي رڳو 5 سيڪڙو رهجي ويو آهي.
تنهن هوندي به ان عرصي دوران خلجي ترقيءَ جي اهميت جو ٻيو پاسو به چڱيءَ ريت سمجهي ورتو هو.
جڏهن هو وڏن شهرن کان ٻاهر ٻهراڙيءَ وارن ضلعن جو سفر ڪندو هو ته کيس بلڪل مختلف حقيقت سان منهن ڏيڻو پوندو هو. نظام ۾ پکڙيل ڪرپشن، جعلي منصوبن جي نالي تي ضايع ٿيندڙ پرڏيهي امداد، ڪمزور حڪومتي ادارا، شديد نسلي تعصب ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ موجود محرومي طالبان جي وڌندڙ بغاوت کي وڌيڪ طاقت ڏئي رهيا هئا.
خلجي 2018ع ۾، طالبان جي واپسيءَ کان ٽي سال اڳ، مون کي ٻڌايو هو: ”مرڪزي حڪومت ڪابل، قنڌار، هرات ۽ مزار شريف جهڙن شهرن تائين محدود هئي. افغانستان جي اڪثر ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رياست ڪمزور هئي.“
پاڪستان سان لاڳاپيل پشتون سرحدي علائقن ۾ طالبان هڪ متوازي حڪومت هلائي رهيا هئا، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ علائقائي جنگجوئن جو اثر ۽ رسوخ برقرار هو.
خلجي موجب آگسٽ 2021ع ۾ افغان جمهوري حڪومت جي خاتمي جا وڏا سبب دوحا معاهدو، آمريڪي فوج جي واپسيءَ جو طئي ٿيل شيڊول ۽ طالبان پاران وقت سان گڏ پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ تيزيءَ سان تبديلي آڻڻ هئا.
خلجي چيو: ”جڏهن آمريڪا دوحا معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ فوج جي واپسيءَ جو شيڊول جاري ڪيو ته اميد جي جاءِ خوف والاري ورتي، جڏهن ته ان دوران طالبان جا حوصلا وڌندا ويا. اولهه اسان جا خواب ۽ اسان جون ڪوششون وڪڻي ڇڏيون ۽ اسان کي بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو.“
پر زوال جا وڌيڪ سبب به هئا. سالن جي اداراجاتي ڪمزوري ۽ ڪرپشن رياست کي اندر ئي اندر کوکلو ڪري ڇڏيو هو. جيئن ئي پرڏيهي حمايت ختم ٿي، سياسي نظام حيرت انگيز رفتار سان زوال جو شڪار ٿي ويو.
اهو سڀ ڪجهه افغانستان ۾ عالمي سطح تي ٿيندڙ غير معمولي سيڙپڪاريءَ جي باوجود ٿيو.
2001ع جي حملي کان پوءِ رڳو آمريڪا افغان تعميرِ نو، رياست جي جوڙجڪ ۽ سيڪيورٽي فورسز جي تربيت لاءِ 145 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي. اهي انگ اکر افغانستان جي تعميرِ نو بابت خاص انسپيڪٽر جنرل جي رپورٽ مان ورتل آهن. آمريڪي بچاءَ واري وزارت سڌيءَ ريت جنگي ڪارروائين تي وڌيڪ 837 ارب ڊالر خرچ ڪيا.
هن جنگ ۾ 2,443 آمريڪي فوجي ۽ 1,144 اتحادي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته 20,666 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. خاص انسپيڪٽر جنرل موجب افغانن کي ان کان گهڻو وڌيڪ جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو. 2001ع کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 66 هزار افغان فوجي ۽ 48 هزار کان وڌيڪ عام شهري مارجي ويا، جڏهن ته 75 هزار شهري زخمي ٿيا. رپورٽ موجب اصل انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
ڪرپشن جي نظام سبب حڪومتي خرچن ۽ ملڪ جي آمدنيءَ وچ ۾ فرق وڌيڪ وڌندو ويو. ”گھوسٽ سولجرز“ جي نالي تي پگهارن ۾ فراڊ، ميرٽ کي نظرانداز ڪري مقرريون ۽ رسد جي نظام ۾ ڪرپشن فوج کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ عام افغانن جي نظر ۾ حڪومت جي ساک کي به نقصان پهچايو.
خلجي ٻڌايو: ”هي ان سماجي ۽ سياسي نظام جو زوال هو، جيڪو افغانن ٻن ڏهاڪن دوران تعمير ڪيو هو، پر رڳو اولهه کي ذميوار قرار ڏيڻ غلط آهي. افغان حڪمران اشرافيه، جن ملڪ کي لٽيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويا، بنيادي طور تي هن زوال جا ذميوار آهن.“
طالبان جي واپسي
آگسٽ 2021ع ۾ افغان جمهوري حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪيترن ئي مبصرن کي ڊگهي گهرو ويڙهه جي اميد هئي، پر ان جي ابتڙ طالبان تيزيءَ سان پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي ۽ هڪ انتهائي مرڪزي، پشتون اڪثريتي سني حنفي مذهبي رياست قائم ڪري ڇڏي.
ڪابل ۾ اهم وزير، جن ۾ ملا عبدالغني برادر، سراج الدين حقاني، ملا محمد يعقوب ۽ امير خان متقي شامل آهن، انتظاميا، سلامتي، معاشي پاليسي ۽ پرڏيهي لاڳاپن جا اهم شعبا سنڀالين ٿا.
تنهن هوندي به حتمي اختيار آهستي آهستي گاديءَ واري هنڌ کان طالبان جي انتهائي قدامت پسند سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده ڏانهن منتقل ٿي ويو، جيڪو قنڌار ۾ رهندو آهي.
اخوندزاده سياسي ۽ مذهبي طاقت پنهنجي چوڌاري ۽ پنهنجي ڀروسي وارن مذهبي عالمن جي محدود حلقي ۾ مرڪوز ڪري ڇڏي آهي. هن رياستي ادارن ۽ سلامتيءَ جي ڍانچن ۾ پنهنجا وفادار ماڻهو مقرر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو نظام وجود ۾ آيو، جيڪو عالمي حمايت يافته اڳوڻي جمهوري حڪومت کان بنيادي طور مختلف آهي.
طالبان قيادت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هي انتظام مستقل نوعيت جو آهي، جنهن سبب مغربي ملڪن پاران ڊگهي عرصي کان جنهن جامع حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪيو پئي ويو، ان جو امڪان لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح افغانستان نائن اليون کان پوءِ واري دور ۾ هڪ انتهائي حيران ڪندڙ تبديليءَ سان ٻيهر اتي پهچي ويو آهي، جتان سفر شروع ٿيو هو. 25 سال اڳ آمريڪي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل حملي ذريعي ڪابل مان ڪڍي ويندڙ تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ تي حڪمران آهي، جڏهن ته عالمي طاقتن ٻن ڏهاڪن دوران جيڪا جمهوري حڪومت قائم ڪئي هئي، اها ختم ٿي چڪي آهي.
خلجي لاءِ اها تبديلي ذاتي نوعيت جي به آهي. هو ڪابل ۾ ان ڪري نه ٿو رهي ته هن طالبان جي افغانستان کي قبول ڪري ورتو آهي، پر اتي رهڻ جو سبب سندس بيمار والدين آهن، جن کي هو ڇڏي ڪنهن ٻئي هنڌ نٿو وڃي سگهي. سندس ٻه ڀائر يورپ مان خاندان جي مالي مدد ڪن ٿا، جڏهن ته خلجي ان ئي شهر ۾ موجود آهي، جيڪو طالبان جو مضبوط مرڪز آهي.
خلجي چيو: ”مون جيان لکين افغان هتي ڦاٿل آهن. اسان 20 سال هڪ ملڪ جي تعمير ۾ گذاريا ۽ پوءِ ان کي اهڙي جاءِ ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو، جنهن کي اسين سڃاڻي به نٿا سگهون.“
طالبان جي دور ۾ زندگي
آمريڪي فوج جي واپسيءَ سان سندس ”دهشتگردي خلاف جنگ“ ختم ٿي وئي ۽ وڏي پيماني تي جنگ ۾ نمايان گهٽتائي آئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي طالبان رياست کي ڪنٽرول ڪن ٿا. پر ميدانِ جنگ ۾ تشدد جي خاتمي سان وسيع پيماني تي استحڪام پيدا نه ٿي سگهيو.
اڄ افغانستان اڳ کان وڌيڪ غريب، دنيا کان ڪٽيل ۽ بنيادي طور تبديل ٿيل ملڪ آهي، جتي سخت معاشي مشڪلاتون ۽ انساني بحران موجود آهي.
2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغانستان کي اهي پرڏيهي امدادي رقمون ملڻ بند ٿي ويون، جيڪي اڳ سرڪاري خرچن جو 75 سيڪڙو پورو ڪنديون هيون. مرڪزي بئنڪ جا اثاثا منجمد ٿيڻ ۽ عالمي امداد معطل ٿيڻ سان معاشي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو.
2026ع تائين انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي موجب 21.9 ملين ماڻهو، يعني ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي، فوري امداد جي ضرورت مند آهي. ڪميٽي موجب امداد ۾ گهٽتائي، موسمياتي بحران ۽ ايران ۽ پاڪستان مان لکين افغان پناهگيرن جي جبري واپسيءَ سبب اڳ ئي ڪمزور عوامي بنيادي ڍانچي تي شديد دٻاءُ وڌي ويو آهي.
انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي افغانستان پروگرام جي ڊائريڪٽر بوستان فهيم هڪ بيان ۾ چيو: ”جنهن وقت افغانستان ۾ غذائي بحران تاريخ جي بدترين سطح تي پهتو، عين ان وقت دنيا هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل مالي امداد گهٽائي ڇڏي.“
اڄ لڳ ڀڳ ٽي ڀاڱي چار افغانن کي شديد غذائي ۽ معاشي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ طالبان ڪسٽم وصولين ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ رائلٽي ذريعي ملڪ جي آمدني وڌائي آهي، تنهن هوندي به 2024ع ۾ في ماڻهو آمدني 416.9 ڊالر هئي.
طالبان حڪومت پاران آفيم جي پوک تي پابنديءَ پڻ ٻهراڙيءَ واري افغانستان کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پابنديءَ سبب آفيم جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي ته آئي، پر ان سان لکين غريب ٻهراڙيءَ وارن خاندانن جي آمدنيءَ جو هڪ وڏو ذريعو ختم ٿي ويو ۽ اڳ ئي غربت جو شڪار علائقن کي هڪ ٻيو معاشي ڌڪ لڳو.
خلجي جهڙن ماڻهن لاءِ معاشي بحران هڪ خاموش پر ناقابلِ برداشت بار بڻجي چڪو آهي.
خلجي خبردار ڪيو: ”طالبان جي جبر سبب ماڻهو کلي پنهنجي ڳالهه نٿا ڪري سگهن. عوامي ڪاوڙ جو هڪ آتش فشان تيار ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن ڏينهن ڦاٽي پوندو. پر ڪنهن به قسم جو شديد ردعمل وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو، ۽ پنج ڏهاڪن کان جاري گهرو ويڙهه کان پوءِ افغان هن تڪرار مان مڪمل طور ٿڪجي چڪا آهن.“
سماجي گهُٽ
معاشي مشڪلاتن سان گڏ وڏي پيماني تي سماجي پابنديون پڻ لاڳو ڪيون ويون آهن.
طالبان جي دور ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي پابندين جي هڪ وسيع نظام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن کي انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي ادارن ”صنفي امتياز تي ٻڌل نظام“ قرار ڏنو آهي.
طالبان انتظاميا پاران جاري ڪيل ڪيترن ئي مذهبي حڪمن تحت ڇوڪرين جي ثانوي ۽ اعليٰ تعليم تي پابندي آهي، عورتن کي اڪثر نوڪرين کان روڪيو ويو آهي ۽ کين ڪنهن مرد مائٽ، يعني محرم، کان سواءِ سفر يا اچ وڃ جي اجازت ناهي. عورتن تي منظم جبر سبب عالمي فوجداري عدالت طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده ۽ سندس اهم ساٿي چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن.
خلجي لاءِ هي زوال ذاتي نوعيت جو به آهي. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ٻن ڀينرن سان گڏ تعليم حاصل ڪندڙ خلجي هاڻي پنهنجي ٽن ٻارن، جن ۾ ٻه ننڍيون ڌيئرون پڻ شامل آهن، جي مستقبل بابت فڪرمند آهي.
جيتوڻيڪ سندس زال تعليم يافته آهي ۽ گهر ۾ ٻارن جي مطالعي لاءِ ڪتاب خريد ڪندي آهي، پر عورتن جي حقن جي مجموعي صورتحال ۾ ايندڙ زوال کيس پريشان ڪري ٿو.
خلجي سوال ڪيو: ”اسان جي اڌ آباديءَ جو ڇا ٿيندو؟ ڪجهه سالن کان پوءِ اسان جي اسپتالن ۾ عورتون نرسون ۽ ڊاڪٽر به نه هونديون، ٻين شعبن جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو.“
اڪثر عوامي سطح تي اختلافِ راءِ جي اظهار کي سخت جبر کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب صحافي، انساني حقن جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر سخت پابندين هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن.
مذهبي ۽ نسلي اقليتن کي به منظم طريقي سان نظرانداز ڪيو پيو وڃي. افغانستان جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو شيعه هزارا برادري تي مشتمل آهي. عدالتن، يونيورسٽين ۽ ثانوي اسڪولن مان شيعه جعفري فقه کي هٽايو ويو آهي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي سني حنفي فقه جي پابنديءَ جو لکت ۾ حلف ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
ساڳيءَ طرح سلفي، يعني اهل حديث، برادرين کي به سخت نگرانيءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. طالبان انهن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن اهم حريف داعش خراسان (آءِ ايس ڪي پي) جا نظريا به انهن سان ڪجهه حد تائين ملن ٿا.
ڪنڙ جي هڪ سلفي اڳواڻ تازو مون کي ٻڌايو: ”جيڪڏهن طالبان جا سپاهي ڪنهن سلفي کي ڊگهي روايتي ڏاڙهيءَ سان ڏسن ٿا ته ان کي روڊ تي گهيري زباني طور هراسان ڪن ٿا.“
افغانستان مان علائقائي دهشتگرديءَ جا خطرا
طالبان جي اقتدار تي مضبوط گرفت ۽ اولهه کان افغانستان جي اڪيلائي اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جتي عسڪريت پسند گروهه ڪنهن به ٻاهرين دهشتگردي مخالف نگرانيءَ کان سواءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
نائن اليون کان 25 سال پوءِ به القاعده سرگرم آهي، پر عالمي جهادي سرگرميون هاڻي ڪنهن هڪ تنظيم، قيادت يا جاگرافيائي مرڪز جي چوڌاري نٿيون گهمن. ان جون شاخون ۽ حريف تنظيمون هاڻي افغانستان جي سرحدن کان پري موجود تڪرارن کي هوا ڏئي رهيون آهن.
ڏکڻ ايشيا جي سينيئر تجزيه ڪار پرل پانڊيا جو چوڻ آهي: ”جيڪڏهن نائن اليون کان شروعات ڪريون ته افغانستان ان ڪري مرڪز ۾ هو، ڇاڪاڻ ته طالبان القاعده کي پناهه ڏئي رهيا هئا. 25 سال کان پوءِ طالبان ٻيهر اقتدار ۾ آهن، پر جهادي منظرنامو بلڪل مختلف آهي. افغانستان اندر ڪيترائي عسڪريت پسند گروهه پنهنجن پنهنجن ايجنڊائن تي عمل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جا پاڙيسري ملڪ پڻ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.“
طالبان جي فتح پاڪستاني عسڪريت پسند گروهن، جهڙوڪ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ حافظ گل بهادر جي اڳواڻيءَ واري اتحاد المجاهدين پاڪستان (آءِ ايم پي)، کي نئين توانائي، نظرياتي سگهه ۽ سرحد پار محفوظ پناهگاهون فراهم ڪيون آهن. ان سان ماضيءَ جي فوجي ڪارروائين، جهڙوڪ آپريشن ضربِ عضب، ذريعي حاصل ڪيل سلامتيءَ جي ڪاميابين کي ختم ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
جيتوڻيڪ اهي گروهه مغربي گاديءَ وارن شهرن بدران اسلام آباد کي نشانو بڻائين ٿا، پر افغانستان ۾ انهن جي موجودگيءَ پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي سخت متاثر ڪيو آهي. وڌندڙ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان پاران سرحد پار هوائي حملا، واپاري پابندين ۾ سختي ۽ سيپٽمبر 2023ع کان پوءِ پاڪستان مان 25 لک کان وڌيڪ افغانن جي بي دخلي ٿي چڪي آهي.
ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ بدستور هڪ وڏو سلامتيءَ جو خطرو آهي. اي سي ايل اي ڊي جي انگن اکرن موجب 2026ع ۾ هيل تائين ٽي ٽي پي جي ڪاررواين جو انگ 2025ع جي ساڳئي عرصي جي سطح کان به وڌي چڪو آهي، جڏهن ته 2025ع پاڪستان لاءِ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي دوران سڀ کان وڌيڪ خونريز سالن ۾ شامل هو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ تازي رپورٽ انهن گروهن وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن کي بي نقاب ڪيو آهي. القاعده جي پروپيگنڊا واري اداري ”السحاب“ پاڪستاني رياستي هدفن تي ٽي ٽي پي جي حملن جي کليل نموني تعريف ڪئي. رپورٽ ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو ته برصغير ۾ القاعده (AQIS) گل بهادر جي آءِ ايم پي لاءِ عملي مدد جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪري ٿي ۽ سلامتيءَ جي اهلڪارن تي ٿيندڙ تباهه ڪندڙ آپگهاتي حملن جي پٺيان پڻ اهو ئي نيٽ ورڪ آهي.
25 سال پوءِ
نائن اليون کان 25 سال پوءِ بنيادي سوال رڳو اهو ناهي ته آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيندڙ مداخلت ڪامياب ٿي يا ناڪام. سوال اهو آهي ته هن تجربي جي خاتمي کان پوءِ ڇا بچيو آهي؟
تازو اسلام آباد جو دورو ڪندڙ هڪ يورپي عهديدار چيو ته افغانستان ۾ اولهه جي دلچسپي وڏي حد تائين ختم ٿي چڪي آهي، جيڪا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته افغانستان عالمي ترجيحن ۾ ڪيترو پوئتي هليو ويو آهي.
تنهن هوندي به عالمي لاڳاپا مڪمل طور ختم ناهن ٿيا. ڪيترين ئي مغربي حڪومتن جا طالبان سان اڃا تائين محدود فني رابطا برقرار آهن، جن ۾ جرمني پاران مهاجرن جي واپسيءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ طالبان سان رابطو پڻ شامل آهي.
معاشي مفاد پڻ برقرار آهن. هن ئي هفتي افغانستان سعودي عرب جي ڊيلٽا انٽرنيشنل انرجي سان 200 ملين ڊالرن جو هائيڊرو ڪاربن جي ڳولا وارو معاهدو ڪيو آهي، جنهن تحت ملڪ جي اولهندي حصي ۾ 22 هزار چورس ڪلوميٽرن جي علائقي اندر تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳوليا ويندا.
تنهن هوندي به خلجي جهڙن عام افغانن لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نظر نٿو اچي. سندس سفر خود افغانستان جي سفر جي عڪاسي ڪري ٿو: بي دخلي، واپسي، اميد، تعميرِ نو، مايوسي ۽ پوءِ زوال.
نائن اليون کان 25 سال پوءِ به هو ڪابل ۾ موجود آهي ۽ جنهن روشن مستقبل جا ساڻس واعدا ڪيا ويا هئا، ان کي پنهنجي اکين اڳيان اوجهل ٿيندي ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته دنيا جنهن تحريڪ کي شڪست ڏيڻ چاهي ٿي، اها هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي موجوده حالتن جو تعين ڪري رهي آهي.
آخرڪار طالبان جي اقتدار هيٺ افغانستان جو سفر اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڪنهن علائقي تي مڪمل ڪنٽرول ڊگهي مدي واري سياسي استحڪام جي برابر ناهي. ڪا حڪومت زمين تي پنهنجو قبضو برقرار رکي سگهي ٿي ۽ طاقت جي ذريعي اختلافِ راءِ کي دٻائي سگهي ٿي، پر اها مستقل خوشحالي يا حقيقي امن قائم نٿي ڪري سگهي.
جيستائين افغانستان ۾ اهڙي حڪومت قائم نٿي ٿئي، جنهن جي قانوني حيثيت پنهنجي عوام جي رضامندي ۽ نظام ۾ انهن جي شموليت تي ٻڌل هجي، تيستائين بظاهر نظر ايندڙ استحڪام عارضي ئي رهندو. خلجي وانگر لکين افغان ان ئي بي يقينيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هن مڙهيل استحڪام اندر لڪل تضادن جي لاوي جي ڦاٽڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
(نوٽ: رائٽرز جي هن مضمون ۾ تحفظ جي مقصد خاطر هن نوجوان خلجي جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي.)

پهنجو تبصرو موڪليو