افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي پئي

افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي پئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. پاڪستان جون فوجون جُرئت ۽ بهادري سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، اسان پنهنجي فوجن کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري چين جا ٻه، ٽي دورا ڪيا آهن، پاڪ چين دوستي کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان ٻلند ۽ سمنڊ جي گهرائيءَ کان وڌيڪ گهري آهي. سنڌ ۽ چين جو صوبو هونان سسٽر صوبن جي طور تي سڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو پيو وڃي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت چين ۾ انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير به شرڪت ڪندو. هن چيو ته چائنا اليڪٽرڪ ٿر ڪول جي منصوبي ۾ به سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ چين ۾ ٿيندڙ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ اربين روپين جا معاهدا ٿيندا، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ايم او يوز ۽ معاهدن تي دستخط ڪيا ويندا. سنڌ حڪومت جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته عالمي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ آندو وڃي ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. سنڌ ۽ هونان جي وچ ۾ هينئر تائين جي رابطن ۾ اقتصادي، تجارتي، سيڙپڪاري، ٽيڪنالوجي ۽ عوامي سطح تي تعاون جي امڪانن تي به بحث ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن، حڪومت جي ترجيح اهڙا منصوبا جوڙڻ آهي جن ذريعي پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري اچي ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته پاڪستان کي سيڙپڪاري، صنعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ وڏا موقعا حاصل آهن، اسان کي دنيا کي انهن موقعن کان آگاهه ڪرڻو پوندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ فائدو صرف سنڌ نه پر پوري پاڪستان کي ملي رهيو آهي. ٿر جو ڪوئلو وفاق ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ نيشنل گرڊ جي ذريعي ملڪ جي مختلف حصن کي بجلي فراهم ٿي رهي آهي. هن چيو ته هڪ طرف پاڪستان اڄ به پرڏيهه مان ڪوئلو در آمد ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪوئلي جا وسيع ذخيره موجود آهن. ٿر جي ڪوئلي جا منصوبا پاڪستان جي مستقبل جي توانائي جي ضرورتن کي آڏو رکندي شروع ڪيا ويا آهن ۽ انهن ذخيرن ۾ طويل مدت تائين ملڪ جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاڪستان لاءِ هڪ حقيقي سيڙپڪاري آهي ۽ مستقبل ۾ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري ٻاهرئين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جا امڪان به پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي ۾ تقريبن هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ان منصوبي جي بنياد گذريل پنج سالا دورِ حڪومت ۾ رکي وئي هئي. بدقسمتيءَ سان ٻين حڪومتن ٿر ڪول منصوبي کي اها سنجيدگي نه ڏني، جنهن جو پاڪستان کي نقصان ٿيو. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو سنڌ مان نڪري رهيو آهي، ان تي پوري قوم کي خوش ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان جا فائدا پوري پاڪستان کي حاصل ٿي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن کان قائم ٿي آهي، ان کي مختلف سازشن ۽ پروپيگنڊا جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پر پيپلز پارٽي ملڪ کي وڏا منصوبا ڏنا. هن چيو ته پاڪستان جو آئين پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٺاهيو ويو، ايٽمي طاقت ۽ بيلسٽڪ ميزائل ٽيڪنالوجي جي حصول ۾ به پيپلز پارٽي جي دورن جو اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت گذريل 18 سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ وڏا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ جون سهولتون پوري پاڪستان ۾ قابلِ تعريف آهن ۽ ملڪ ڀر مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو علاج لاءِ ڪراچي اچن ٿا. سنڌ جي اسپتالن ۾ مريضن کان اهو ناهي پڇيو ويندو ته هو ڪهڙي صوبي سان تعلق رکن ٿا يا انهن جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪٿان جو آهي، مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ڪراچي ۾ صحت جون موجوده سهولتون پاڪستان پيپلز پارٽي جي دورن ۾ قائم ۽ ترقي يافته ٿيون، جڏهن ته 18 سال اڳ ڪراچي ۾ صحت جون سهولتون اڄوڪي سطح تي نہ هيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اين آئي سي وي ڊي پيپلز پارٽي جي دور ۾ ملڪ ڀر ۾ علاج جي سهولتن جو دائرو وسيع ڪيو ۽ اڄ پاڪستان جي مختلف علائقن مان ماڻهو اتي علاج لاءِ اچن ٿا. سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٿيندڙ ڪم تي هڪ پوري ڪتاب لکي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڄامشورو، نوابشاهه، جيڪب آباد، سکر، شهدادپور، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ صحت جي منصوبن تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي منصوبا علاج لاءِ اڃا به جاري آهن. سنڌ ۾ جگر جي پيوندڪاري (ليور ٽرانسپلانٽ) سميت پيچيده بيمارين جي جديد علاج جون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ سائبر نائف ذريعي جديد ترين علاج جي سهولت موجود آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران ان سهولت ذريعي مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو پيو وڃي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سائبر نائف جهڙي علاج جي لاڳت لکن ڊالرن تائين پهچي ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ جديد طبي ٽيڪنالوجي ذريعي عوام کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. پنجاب سميت پوري پاڪستان مان ماڻهو روزانو علاج لاءِ ڪراچي اچن ٿا. ميڊيا کي گهرجي ته سنڌ جي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالن ۽ جديد طبي سهولتن کي عوام جي سامهون آڻي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏ ۽ برساتن دوران به سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد ڪئي، جڏهن ته تازي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت 21 لک خاندانن کي گھر ٺاهي ڏنا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت، انفراسٽرڪچر، رستا، روڊ نيٽ ورڪ، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ به ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا آهن. سکر ايئرپورٽ جو منصوبو به پيپلز پارٽي جي دور ۾ شروع ڪيو ويو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ بسن جو نظام متعارف ڪرايو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ماضي جي حڪومتن ڪراچي ۾ هڪ ايئرڪنڊيشنڊ بس به متعارف ڪرائي هجي ته ميڊيا ان جو به ذڪر ڪري ۽ اهي به ٻڌائي ته انهن حڪومتن ڪيتريون اسپتالون قائم ڪيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ صرف ڪراچي ئي نه پر پاڪستان کي به نقصان پهتو، صنعتن ۽ ڪاروباري سرگرمين کي نقصان پهتو. ايڪسپورٽرز کي مقرر وقت تي پنهنجا آرڊر مڪمل ڪري موڪلڻا هوندا هئا، پر اهڙا حالات پيدا ڪيا ويا جو ٽي، چار يا پنج ڏينهن کانپوءِ به ڪاروباري سرگرميون رڪجي وينديون هيون ۽ ايڪسپورٽ آرڊر متاثر ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. ڪاروباري ماڻهو ڄاڻين ٿا ته ان صورتحال جا اصل سبب ڪهڙا هئا. هن چيو ته ان وقت ايم ڪيو ايم وٽ طاقت ۽ اثر رسوخ موجود هو. آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن بابت به سنگين واقعا پيش آيا ۽ 35 ايس ايڇ اوز کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو. جن آفيسرن ٻين شهرن ۾ تعينات ٿي تحفظ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي واپس ڪراچي آڻي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته اڄ ڪجهه ماڻهو انهن سمورن معاملن کي مختلف انداز ۾ پيش ڪن ٿا، پر باني ايم ڪيو ايم الطاف حسين جي دور جي حالات ۽ واقعن کي به آڏو رکڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو ان وقت ٽي وي تي ويھي انهن واقعن جو دفاع ڪندا هئا، پوءِ الطاف حسين جي زوال کانپوءِ انهن پنهنجون سياسي جماعتون قائم ڪري ورتيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ئي ٻيهر لساني فساد کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن صوبي ۽ شهر تي اردو، سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙن جو برابر حق آهي. اردو ٻولي هاڻي صرف علائقائي ٻولي ناهي رهي پر بين الاقوامي سطح تي استعمال ٿيندڙ ٻولي بڻجي چڪي آهي. اردو جي آڙ ۾ لساني سياست نه ٿيڻ گهرجي. لساني ڳالهيون ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪنهن کي به ٻيهر بدمعاشي، تشدد ۽ لساني سياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان نائين زيرو ان ڪري به ويندا هئاسين جو ايم ڪيو ايم کي چئون ته تشدد، لسانيت ۽ فسادن جي سياست کي ڇڏين. اسان جي ڪوشش رهي آهي ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿئي، صنعتون واپس اچن، ڪاروباري سرگرميون وڌن ۽ شهر ترقي ڪري. منهنجو مقصد ڪنهن جي ذاتي مخالفت ناهي، اسان کي ملي ڪري پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. پاڪستان کي ڪيترن ئي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ اسان کي متحد ٿي انهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. خالد مقبول صديقي تي مصطفيٰ ڪمال پاران ڀارتي ايجنٽ هجڻ جي لڳايل الزام بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو الزام صحيح هو ته کيس پنهنجي موقف تي قائم رهڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن الزام غلط هو ته خالد مقبول صديقي کان معافي گهرڻ گهرجي. هن چيو ته اهو هڪ سنگين الزام هو ۽ ان معاملي کي واضح ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، پنجاب ۽ سنڌ ٻئي اسان لاءِ برابر عزيز آهن. اسان نه تعصب جي سوچ رکون ٿا ۽ نه تعصب ڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا، اسان ڪڏهن به تعصب ڏانهن نه وينداسين. حڪومت ۾ مسئلا هوندا آهن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ڪنهن هڪ صوبي کي صرف گورننس جي نالي تي مسلسل ٽارگيٽ ڪرڻ مناسب ناهي. ڪراچي جا پنهنجا چئلينج آهن ۽ سنڌ جي ٻين علائقن جا به پنهنجا مسئلا آهن. مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، اچو اسان سان ويهي ۽ ملي ڪري مسئلا حل ڪريو. صوبن بابت فنڪشنل ليگ جي حمايت يا مخالفت بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اها فنڪشنل ليگ جي پنهنجي سياسي راءِ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي موقف کي بهتر سمجهي ٿي ۽ ان مطابق پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جمهوري معاشري ۾ ڪنهن جي راءِ کي دٻائڻ نه گهرجي، هر سياسي جماعت کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي ڀينرن جي گرفتاري جي حمايت نٿا ڪيون ۽ ذاتي طور تي انهن جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته سياسي اختلافن کي گهر جي عورتن تائين نہ وٺي وڃڻ گهرجي. اها روايت نئين ناهي، ماضي ۾ به سياسي اڳواڻن ۽ انهن جي اهلخاني کي گرفتار ڪيو ويو. عمران خان جي دورِ حڪومت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته مريم نواز کي به گرفتار ڪيو ويو. ڪنهن نہ ڪنهن کي اها روايت ختم ڪرڻي پوندي ۽ سياسي لڙائين کي عورتن ۽ خاندان تائين نه آڻڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو