اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ايشيا لاءِ نائب صدر ينگ منگ يانگ سان ملاقات دوران ڪراچي-پشاور مين ريلوي لائين (ايم ايل-1) منصوبي جو جلد بنياد رکڻ جي ضرورت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم آفيس هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل اي ڊي بي جي عهديدار وچ ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايم ايل-1 ريلوي لائين جي جديدڪاري بحث جو هڪ اهم مرڪزي موضوع هئي.
ان کان اڳ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد ريلوي جي وزير حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو ته حڪومت ايم ايل ون منصوبي جي نوابشاهه کان روهڙي سيڪشن کي 2.5 ارب ڊالرن جي لاڳت سان ٽن سالن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن سان ڪراچي کان لاهور تائين سفر جو مدو لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ گهٽجي ويندو.
بيان موجب، ڊگهي عرصي کان دير جو شڪار هي منصوبو ”قومي بنيادي ڍانچي جي هڪ انتهائي اهم ترجيح“ آهي.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف زور ڀريو ته هن منصوبي کي اپ گريڊ ڪرڻ مال برداري جي نظام کي جديد بڻائڻ، علائقائي واپاري رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ وڏن صنعتي منصوبن جي حمايت لاءِ ضروري آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”ملاقات ۾ ايم ايل-1 منصوبي جو جلد بنياد رکڻ جي ضرورت تي پڻ بحث ڪيو ويو، جيڪو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطن جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.“
ADB Vice President Yinming Yang calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif in Islamabad on 4 September 2026. pic.twitter.com/GCG3K2HDYw
— Prime Minister’s Office (@PakPMO) September 4, 2026
10 ارب ڊالرن جي لاڳت وارو ايم ايل-1 منصوبو انهن سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري وارن منصوبن مان هڪ آهي، جن لاءِ پاڪستان اي ڊي بي کان وڌيڪ وڏي پئماني تي مالياتي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پاڪستان اڳ ئي منيلا ۾ قائم قرض ڏيندڙ اداري اي ڊي بي کان 1,670 ڪلوميٽر ڊگهي ايم ايل-1 منصوبي جي ڪراچي-روهڙي سيڪشن لاءِ 2 ارب ڊالرن جي مالياتي مدد حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن تي عملدرآمد جاري آهي.
جولاءِ ۾ منصوبابندي واري وزير احسن اقبال ميڊيا کي ٻڌايو هو ته چين-پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو حصو بڻيل هن منصوبي جي پهرين مرحلي جو بنياد ايندڙ سال جي شروعات ۾ رکيو ويندو.
ان سوال تي ته ڇا چين پاران منصوبي لاءِ مالياتي مدد نه ڏيڻ کانپوءِ اي ڊي بي کان قرض ورتو ويو، جڏهن ته اڳ ۾ سي پيڪ تحت چين کي هن منصوبي جو ترجيحي مالياتي ذريعو سمجهيو ويندو هو، احسن اقبال ان موقف سان اتفاق نه ڪيو.
هن چيو ته ايم ايل-1 لاءِ مقامي، چيني ۽ گهڻ طرفي مالياتي ذريعا، اهي ٽيئي طريقا سي پيڪ جي فريم ورڪ معاهدي تحت منصوبي جو حصو هئا.
هن چيو: ”سي پيڪ فريم ورڪ تحت چين سان اهو طئي ٿيو هو ته ايم ايل-1 کي چيني، پاڪستاني ۽ گهڻ طرفي ذريعن کان گڏيل طور مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.“
تنهن هوندي به، موجوده چيني قرضن جي هر سال تجديد واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي، شروعاتي مرحلي ۾ اي ڊي بي جي مالياتي مدد سان منصوبو شروع ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو ويو، ۽ اهو چين جي رضامندي سان ڪيو ويو.
ان کان اڳ پاڪستان منصوبي جي لاڳت گهٽائڻ لاءِ ان جو حجم محدود ڪرڻ کانپوءِ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين چيني ڌر کان فني ۽ مالي شرطن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيمون مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪندو رهيو هو.
ملڪي ڀائيواري حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه
بيان موجب جمعي ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ شهري بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ ۽ عوامي خدمتن جي شعبن ۾ تبديلي آڻيندڙ منصوبن تي عملدرآمد دوران اي ڊي بي جي ”مسلسل پيشه ورانه صلاحيت ۽ تڪڙي سهڪار“ کي پڻ ساراهيو.
بيان موجب، شهباز شريف ۽ ينگ منگ يانگ وچ ۾ ڪيترن ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي ڀائيواري جو به جائزو ورتو ويو ۽ نئين ملڪي ڀائيواري حڪمت عملي (سي پي ايس) 2026ع کان 2030ع تحت ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي.
يانگ اي ڊي بي جي هڪ وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جيڪو هن سال مارچ ۾ منظور ڪيل 10 ارب ڊالرن جي سي پي ايس جي سلسلي ۾ فالو اپ طور اسلام آباد آيو آهي.
مارچ ۾ اي ڊي بي پنجن سالن واري ملڪي ڀائيواري حڪمت عملي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت پاڪستان کي لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالرن جي مالياتي مدد فراهم ڪئي ويندي.
منيلا ۾ قائم قرض ڏيندڙ اداري ان وقت چيو هو ته سي پي ايس ”نجي شعبي جي اڳواڻي ۾ ترقي ذريعي ملڪ کي پائيدار ۽ سڀني کي شامل ڪندڙ معاشي ترقي ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ“ فراهم ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف اي ڊي بي جي عهديدار کي ٻڌايو ته پاڪستان ”سخت مالي، ڍانچائي ۽ حڪمراني سڌارن ذريعي ڪاميابي سان هڪ ڏکئي معاشي بحالي واري مرحلي مان گذريو آهي.“
هن چيو ته انهن اصلاحي قدمن سان معاشي استحڪام بحال ٿيو، سيڙپڪارن جو اعتماد مضبوط ٿيو ۽ فچ، موڊيز ۽ ايس اينڊ پي سميت وڏين عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين ملڪ جي معاشي مستقبل بابت مستحڪم اڳڪٿي ڏني.
وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ”ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي لاءِ پختي عزم“ کي ورجائيندي چيو ته مخصوص عملدرآمد ٽاسڪ فورسن ذريعي انتظامي رڪاوٽن کي فعال طور ختم ڪيو پيو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نجي شعبي جي مدد، توانائي جي تحفظ، خوراڪ جي تحفظ، برآمدي مقابلي جي صلاحيت، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا امڪان ڳوليا.
بيان موجب: ”ملاقات ان گڏيل عزم سان پڄاڻي تي پهتي ته سي پي ايس 2026ع کان 2030ع جي اسٽريٽجڪ ترجيحن کي عملي ۽ وڏو اثر رکندڙ نتيجن ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪي پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏين ۽ پاڪستاني عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ نمايان بهتري آڻين.“
وزيراعظم اي ڊي بي جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ نائب صدر جي حيثيت سان ينگ منگ يانگ جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي پڻ سندس آجيان ڪئي.










