ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ عوامي شڪايتن تي حيدرآباد تعليمي بورڊ جي انٽرميڊيٽ پارٽ ٽو جي نتيجن ۾ مبينا بي ضابطگين جو نوٽيس وٺندي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري وزير محمد اسماعيل راهو ٽاپ سيڪريٽ برانچ جي ڊپٽي ڪنٽرولر اعجاز علي ڪاڪا کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته معاملي جي شفاف جاچ لاءِ ٽن ميمبرن تي مشتمل انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو جي منظوري کانپوءِ يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري سيڪريٽري عباس بلوچ معطلي ۽ انڪوائري ڪميٽي جي قائم ڪرڻ جو باضابطا حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير جي ترجمان موجب پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو کي انڪوائري ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري امير فضل اويسي ۽ ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو ڪميٽي جا ميمبر هوندا. انڪوائري ڪميٽي انٽرميڊيٽ پارٽ ٽو جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ گروپن جي نتيجن جو تفصيلي جائزو وٺندي. ان سلسلي ۾ پوزيشن هولڊرز، ٽاپ 10 اُميدوارن ۽ اي ون ۽ اي گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن جي رڪارڊ جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي. ڪميٽي نتيجن جي تيارين، جوابي ڪاپين جي جاچ، ٽيبوليشن ۽ نتيجن جي اعلان سميت سمورن لاڳاپيل مرحلن ۾ مبينا بي ضابطگين جو جائزو وٺي حقيقتن جو تعين ڪندي. اختيارين موجب معطل ٿيل آفيسر کي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين لاڳاپيل اختيارين ۽ تحقيقاتي ڪميٽي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. تحقيقاتي ڪميٽي 30 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو کي پيش ڪندي.










