اچڪزئي ۽ مينگل ملاقات ۾ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اچڪزئي ۽ مينگل ملاقات ۾ ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ بلوچستان ۽ ملڪ جي گڏيل سياسي، علاقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته 15 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيل تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهي اجلاس جي حوالي سان به مشاورت ڪئي وئي.ملاقات جي موقعي تي ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو معاشي ترجمان محمد زبير، بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ساجد ترين ايڊووڪيٽ، تحريڪ جي ترجمان اخونزاده حسين احمد يوسفزئي ۽ اڳواڻ آغا حسن بلوچ به موجود هئا. ملاقات ۾ آئنده جي سياسي لائحه عمل ۽ گڏيل مشاورت کي اڳيان وڌائڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو