اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر حڪومت سان ڳالهين لاءِ آمادگي ظاهر ڪندي چيو آهي ته محمود اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ قيادت ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر بدقسمتي سان هن وقت ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي رهي.هڪ بيان ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته حڪومت ۾ هن وقت مسئلا ختم ڪرڻ بابت سنجيده سوچ نظر نٿي اچي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته محمود اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ قيادت ڳالهين لاءِ تيار آهن، کين خبر آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي، پر هن وقت ڳالهين جو عمل اڳتي نٿو وڌي. بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي صورتحال اهڙي آهي، ڄڻ اتي گورنر راڄ لاڳو هجي. ٻئي طرف سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي ملڪ کي موجوده مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بابت ڪو پيغام موڪليو به ويو آهي ته اهو ساڻس تائين نه پهتو.










