لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اسڪولي شاگردياڻيءَ جي مبينا اغوا ۽ زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدار جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت جوابدار جي ضمانت 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پوليس جي جاچ رپورٽ اغوا جي الزام جي تصديق نٿي ڪري. عدالت موجب، ڇوڪريءَ بيان ڏنو آهي ته هن پنهنجي مرضيءَ سان جوابدار سان نڪاح ڪيو. هاءِ ڪورٽ واضح ڪيو ته جوابدار جي ڪردار جو حتمي تعين ثبوتن جي روشنيءَ ۾ ٽرائل ڪورٽ ڪندي. عدالت وڌيڪ چيو ته ڇوڪريءَ جي عمر 14 کان 15 سالن جي وچ ۾ ڄاڻائي وئي آهي، تنهنڪري گهٽ عمر ۾ نڪاح واري معاملي تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.










