ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، جوابدار کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ذريعن جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.پڇا ڳاڇا دوران، جوابدار انڪشاف ڪيو ته عورت جي مڙس تيزاب حملي لاءِ پئسا ڏنا هئا.ٻئي طرف، پوليس عورت جي مڙس کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.










