رتوديرو (ن س)رتوديرو ۾ سيلرا باءِ پاس وٽ جوابدار ذاڪر ٻپڙ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال عابدهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار ذاڪر ٻپڙ رتوديرو ٿاڻي پهچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعو ڪارنهن جي معاملي تان پيش آيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










