عورت کي نازيبا تصويرن ۽ وڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار گرفتار

عورت کي نازيبا تصويرن ۽ وڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي زون عورت کي مبينا طور شاديءَ جو آسرو ڏئي نازيبا تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ، هراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار شعيب نواز آفريدي کي گلستانِ جوهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي. اين سي سي آءِ اي پاران جاري ڪيل بيان موجب، متاثر عورت شڪايت داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته هن جوابدار کان هڪ گاڏي ڪرائي تي حاصل ڪئي هئي، جنهن دوران جوابدار مبينا طور سندس اعتماد حاصل ڪري ساڻس دوستي قائم ڪئي ۽ شاديءَ جو آسرو ڏئي سندس نجي ۽ نازيبا تصويرون توڙي وڊيوز ٺاهيون.شڪايت موجب، جوابدار انهن تصويرن ۽ وڊيوز کي استعمال ڪندي عورت کي مسلسل هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندو رهيو.جاچ دوران سامهون آيل شروعاتي ڄاڻ موجب، جوابدار مبينا طور عورتن کي ڪرائي تي گاڏيون فراهم ڪرڻ جي آڙ ۾ ساڻن رابطا قائم ڪندو هو، سندن اعتماد حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندن نجي تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪندو هو. اين سي سي آءِ اي موجب، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو