ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد ۾ پوليس عورت سُويرا جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار مبين کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار ۽ مقتولا توڙي سندس ٻارن جا موبائل فون به هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب 23 آڪٽوبر تي لياقت آباد نمبر 6 جي چوڙي واري گهٽيءَ ۾ رهائشي عمارت جي فليٽ مان 30 ورهين جي سُويرا جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو هو. واقعي جو ڪيس مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو. فريادي مقتولا جي دوست مبين کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو هو، جيڪو واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو هو. پوليس ٻڌايو ته ڳجهن ذريعن، ٽيڪنيڪل مدد ۽ مخبرن جي ڄاڻ تي ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. اختيارين موجب شروعاتي جاچ دوران جوابدار مبين ٻڌايو ته تلخ ڪلاميءَ دوران ڪاوڙ ۾ اچي هن تيز ڌار اوزار جا وار ڪري سُويرا کي قتل ڪيو. جوابدار موجب واردات کانپوءِ هن ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ رت لڳل ڪپڙا کڻي فرار ٿي ويو. بعد ۾ اهي ڪپڙا ڪچرو کڻندڙ گاڏيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا ته جيئن ثبوت لڪائي سگهجن. پوليس موجب مقتولا جو مڙس روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه ۾ رهائش پذير آهي.










