ٻار قتل ڪيس، عمر قيد جو جوابدار شڪ جي فائدي تحت بري

ٻار قتل ڪيس، عمر قيد جو جوابدار شڪ جي فائدي تحت بري

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اسڪول جي شاگرد طارق خورشيد کي ڇري سان ڳلو ڪٽي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا مليل جوابدار محمد احتشام جي اپيل منظور ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو. جسٽس سيد فرهاد علي شاهه جوابدار محمد احتشام جي اپيل تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ طرفان جوابدار کي ٻڌايل عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ختم ڪئي وئي. فيصلي موجب صدر بهاولپور ٿاڻي جي پوليس 2023ع ۾ طارق خورشيد جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ 2024ع ۾ محمد احتشام کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت موجب ڪيس ۾ شاهدن جي بيانن ۾ اهم تضاد موجود هئا، جنهن سبب استغاثه جي ڪيس بابت شڪ پيدا ٿيا. مقتول جي وارثن الزام لڳايو هو ته جوابدار ٻار تي خراب نظر رکندو هو، پر عدالت قرار ڏنو ته ان الزام جي حمايت ۾ ڪو قابل اعتماد ثبوت يا ٺوس مواد رڪارڊ تي موجود نه هو. فيصلي موجب جوابدار کي واقعي کان 13 ڏينهن پوءِ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتاري کانپوءِ پوليس سندس قبضي مان مبينا طور قتل ۾ استعمال ٿيل ڇري پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڇري جي برآمدگي بابت به سوال اٿاريندي قرار ڏنو ته جيڪڏهن اها ئي ڇري واقعي ۾ استعمال ٿي هئي ته جوابدار ان کي واقعي کانپوءِ ايترو عرصو پاڻ وٽ ڇو رکندو؟عدالت قرار ڏنو ته استغاثه جي ٻين شاهدين ۾ تضادن جي موجودگيءَ ۾ رڳو ڇري جي برآمدگي جوابدار خلاف ڪيس ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ مجموعي شاهدين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قرار ڏنو ته استغاثه جوابدار خلاف الزام شڪ کان بالاتر ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي محمد احتشام کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو