دادو: پوليس موبائل سان حادثو، 7 اهلڪار زخمي،1 فوت

دادو: پوليس موبائل سان حادثو، 7 اهلڪار زخمي،1 فوت

دادو(ن س)ڊي ايس پي سٽي دادو جي پوليس موبائل حادثي ۾ 7 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ پرسنل باورچي فوت ٿي ويو پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ يوسف ڀٽو، زيد لنڊ، لعل بخش گوپانگ، شيراز ناڙيچ، ماجد قمبراڻي، سڪندر منگنهار ۽ احسان شاهاڻي شامل آهن ٻن اهلڪارن جي حالت نازڪ ٻڌائي وئي فوتي جي سڃاڻپ صابر شاهاني طور ٿي آهي جيڪو مبينا طور ڊي ايس پي سٽي اڪبر چنا جو پرسنل باورچي هو حادثي وقت ڊي ايس پي سٽي موبائل ۾ موجود نه هو واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچي ويا اسپتال ۾ ايمبولينس موجود نه هئڻ تي ايس ايس پي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو زخمين کي ابتدائي طبي امداد کانپوءِ ريسڪيو 1122 جي ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي ايمبولينس ذريعي سيوهڻ ريفر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو