گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي ڀرسان ايم فائيو موٽروي تي خوفناڪ حادثو، لاش کڻي ويندڙن جي مزدا بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 5 زخمي ٿي پيا.ايم فائيو موٽروي تي سرحد ريسٽ ايريا ويجهو مزدا گاڏي جو بيٺل ٽرالر سان پٺيان زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۽ زخمين کي گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتين ۾ عبدالرئوف کوکر، عاشق حسين ۽ هڪ عورت صفيا زال محمد قاسم شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ عبدالغني، آصف، مسمات سرور بي بي، نسرين بي بي ۽ مسمات خورشيد بي بي شامل آهن.حادثي جو شڪار ٿيلن جو تعلق پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي علائقي خان ٻيلا سان ٻڌايو پيو وڃي ڄاڻ موجب اهي ڪراچي مان ميت کڻي رحيم يار خان وڃي رهيا هئا ته گهوٽڪي ويجهو سرحد ريسٽ ايريا، لوڪيشن نمبر 464 وٽ مزدا ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب گاڏي بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو. هوڏانهن ايس ايس پي موٽروي غلام قادر سنڌو ۽ ڊي ايس پي اقبال جاويد بٽ گهوٽڪي جي تعلقه اسپتال پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.










