ٽرين جو ڪار کي ٽڪر، گاڏي پل تان هيٺ ڪري پئي

ٽرين جو ڪار کي ٽڪر، گاڏي پل تان هيٺ ڪري پئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٻن مختلف حادثن دوران ٽرين ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جڏهن ته نيٽي جيٽي پل تان هڪ تيز رفتار گاڏي هيٺ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب ڪي پي ٽي يارڊ واري ريلوي ڦاٽڪ تي ڪار ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، پر واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ٻئي واقعي ۾ نيٽي جيٽي پل تان تيز رفتاري سبب گاڏي هيٺ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو.ريسڪيو عملي زخمي ڊرائيور کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.هوڏانهن لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۾ علامه اقبال روڊ تي ٽرالر اڳيان ويندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو