اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته لانگ مارچ به ٿئي ۽ اهو پرامن پڻ هجي. پنهنجي بيان ۾ بئرسٽر گوهر چيو ته هڪ حڪومتي ٽولو پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ ادارن تي حملو ڪندي، حڪومتي ٽولي پاران ٺاهيل ان بيانيي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي، ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان هن وقت ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي. سياسي مسئلن جو حل سياسي طريقي سان ئي ڪڍڻو پوندو.










