خيبرپختونخواهه ۾ آئين جي تحت قدم کنيا

خيبرپختونخواهه ۾ آئين جي تحت قدم کنيا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ آئين جي تحت قدم کنيا، صوبائي ڪابينه ۾ هاڻ ڪوبه همدرد دهشتگرد موجود نه آهي.وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ اهڙي حڪومت نٿي ٿي سگهي جيڪا دهشتگردن سان همدردي ڪري، ملڪ ۾ اهڙيون حڪومتون نٿيون ٿي سگهن جيڪي اهڙيون پاليسيون ٺاهين جنهن ۾ دهشتگردن کي پنهنجون ڪارروايون ۽ سرگرميون جاري رکڻ جو موقعو ملي. اسان پي ٽي آءِ سان دهشتگردي خلاف قدمن ۽ گڏيل پاليسي جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، دهشتگردي جي خلاف هڪ ئي ملڪ ۾ 2 مختلف پاليسيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ هن جو چوڻ هو ته آئين ٺاهيندڙن انهن قلمن کي آئين ۾ اهڙين ئي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شامل ڪيو هو. 1973ع جي آئين تحت قانوني طور تي صحيح قدم کنيا ويا، صوبي ۾ حڪمراني جو نظام مڪمل طور تي مفلوج ٿي چڪو هو. صوبي ۾ امن امان جي صورتحال به مڪمل طور تي خراب ٿي وئي هئي، رپورٽون آهن ته جن علائقن ۾ دهشتگرد سرگرم آهن اتان ٻين سياسي پارٽين جي نمائندن کي حفاظت سان گذرڻ جي اجازت به نٿي ڏني وڃي.اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو مارچ اهڙن ضلعن کان انهن دهشتگرد تنظيمن سان رابطي کان پوءِ گذريو. سوال اهو آهي ته اها وڏي رقم آهي، انهي کي دهشتگردي جي خلاف ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ تي ڇو خرچ نه ڪيو ويو؟ اها رقم خيبرپختونخواهه ۾ سيف سٽي ڪيمرا لڳائڻ جي لاءِ ڇو استعمال نه ٿي؟ فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ يا پوليس لاءِ جديد اوزار خريد ڪرڻ جي حوالي سان اهي وسيلا ڇو استعمال نه ڪيا ويا.؟ هن جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ ماڻهو هر ممڪن طريقي سان دهشتگردي جو خاتمو چاهين ٿا، انهي دهشتگردي سان انهن جي زندگي ۽ روزگار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، طالبان جي پيش ڪيل اسلام جو حقيقي اسلام سان ڪوبه تعلق نه آهي. وفاقي وزير اطلاعات جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي عوام پي ٽي آءِ حڪومت جي دهشتگردي جي حامي موقف جي حمايت ڪري ها ته لکين ماڻهو روڊن تي هجن ها، اسان انهي حوالي سان وڏيون ڳالهيون به ٻڌيون، ڪي پي ترجمان چيو هو ته جيڪڏهن گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ٿي ته لکين ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا، گورنر هائوس جو گهيراءُ ڪنداسين پر هي هڪ درجن ماڻهن کي به ٻاهر نه آڻي سگهيا.عطاءُالله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وفاق جي انهي قدم جي آجيان ڪئي آهي، عوام کي اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻ انهن جا حالات بهتر ٿي سگهن ٿا، انهن کي يقين آهي ته هاڻ انهن کي تحفظ ۽ سلامتي فراهم ڪئي ويندي، انهن جي جان، مال ۽ روزگار محفوظ هوندا، عوام کي يقين آهي ته هاڻ سياست، دهشتگردي ۽ ڏوهه جي انهي ڳٺ جوڙ جو خاتمو ڪيو ويندو.هن چيو ته اڳوڻي صوبائي ڪابينه ۽ جوڙيل ڪابينه جي ميمبرن جي قابليت ۽ تجربي جو مقابلو ڪريون ته واضح فرق نظر ايندو. نئين ٽيم جو هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ نمايان صلاحيتون رکندڙ آهي هر ماڻهو وسيع تجربو رکي ٿو ۽ عوامي خدمت جي ميدان ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. اها هڪ مشاورتي ڪونسل آهي جنهن ۾ قبائلي توازن برقرار رکيو ويو آهي، انهي مشاورتي ڪونسل ۾ صنفي نمائندگي جو خيال رکيو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته نئين ڪابينه ۾ دهشتگردي جي خلاف موثر بيانيو جوڙڻ جو عزم ۽ حوصلو موجود آهي، انهي ڪابينه ۾ دهشتگردي جو ڪوبه همدرد نه ملندو. پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪابينه ۽ هن ڪابينه جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پي ٽي آءِ جي ڪي پي حڪومت سياست، دهشتگردي، ڏوهن جي انهي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ تيار نه هئي. وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل 6 سالن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ تقريبن 11 سيڪڙو اضافو ٿيو. 2025 ۾ دهشتگردي جا 3774 واقعا پيش آيا، سيپٽمبر 2026 تائين هلندڙ سال ۾ 2857 واقعا پيش اچي چڪا آهن. گذريل 5 سالن جي دوران دهشتگردي جا 6924 ڪيس داخل ڪيا ويا. گذريل 6 سالن ۾ جاني نقصانن ۾ به تقريبن 10 سيڪڙو اضافو ٿيو. 2021 ۾ دهشتگردي جي نتيجي ۾ 267 ماڻهو مارجي ويا هئا، 2026 ۾ اهو تعداد 2775 ٿي ويو. 2025 ۾ 3512 ماڻهن جون فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.عطاءُالله تارڙ ٻڌايو ته صف اول ۾ وڙهندڙ خيبرپختونخواهه پوليس کي سڀني کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پيو، پوليس کي نشانو بنائڻ جي واقعن ۾ 168 سيڪڙو اضافو ٿيو، دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳولا ڪريون، پي ٽي آءِ پوليس کي ضروري وسيلا فراهم نه ڪيا، انهي کي بااختيار نه بنايو، وڏن دهشتگرد حملن جي تعداد 1364 رهي، پوليس اهلڪارن جي فوتگين جو تعداد 1532 رهيو، گذريل ٻن سالن ۾ پوليس جي 18 ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن ايمرجنسي جو لاڳو سياسي مقصد جي لاءِ ٿئي ها ته اهو قدم پهريان به کڻي سگهجو ٿي، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي حڪومت جو دهشتگردي جي خلاف عدم تعاون ۽ ڪردار رڪارڊ تي آهي.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ترجيح دهشتگردي جي خاتمي جي بجاءِ سياسي مفادن جي لاءِ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ هو ۽ وفاقي ادارن سان گڏجي دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششون نه ڪيون وڃن ته اهو افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته وزيراعظم معاملو وفاقي ڪابينه جي سامهون رکيو، جتي سمورن معاملن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي تحفظ ۽ وفاق کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو