پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ آئين ۾ گنجائش موجود آهي: طلال

پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ آئين ۾ گنجائش موجود آهي: طلال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ لاءِ آئين ۾ ڪيتريون ئي گنجائشون موجود آهن، پر سياسي حڪومت هوندي اهڙو قدم کڻڻ نٿا چاهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حڪومت گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي به خواهشمند نه هئي. سندس چوڻ هو ته گذريل 14 سالن دوران تحريڪ انصاف دهشتگرديءَ کي ڪو مسئلو ئي نه سمجهيو. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت اڊيالا جيل، بني گالا يا مراد سعيد جي حوالي ڪئي ويندي ته اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو