گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) حڪومت جي حڪمن کي گهوٽڪي جي پيٽرول پمپ مالڪن هوا ۾ اڏائي ڇڏيو،حڪومت جي اعلانيل اگهه 117 روپيه 83 پئسن بجاءِ 120 روپيه 70 پئسا وٺڻ لڳا سرڪار جي حڪمن تي به عمل نه ٿيو. مختلف علائقن ۾ وفاقي حڪومت جي حڪمن تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي حڪومت جي طرفان پيٽروليم شين جي وڌيل اگهن تي پيٽرول پمپ مالڪن عمل نه ڪيو سرڪار جي اعلانيل پيٽرول جو في ليٽر 117 روپيه 83 پئسا وٺڻ بجاءِ 120 روپيه 80 پئسا،لائيٽ ڊيزل 90 روپيه 52 پئسا وٺڻ بجاءِ 94 روپيه 55 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 132 روپيه 47 پئسا وٺڻ بجاءِ 137 روپيه 45 پئسا جڏهن ته گاسليٽ 103 روپيه 84 پئسا بجاءِ 107 روپيه 75 پئسا في ليٽر تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. پمپ مالڪن تيل جو ماپو به پنهنجي مرضي جو ڪري ڇڏيو في ليٽر تي به 10 کان 15 روپين جي هيرا ڦيري ڪرڻ لڳا آهن ضلعي انتظاميه به اک نه پٽي عوام ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳو. ڊي سي ۽ ايس ڊي ايم جن جو ڪم ريٽ چيڪ ڪرڻ آهي اهي آفيسن مان ٻاهر ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.










