اليڪشن ڪميشن پاران پي پي جي اشتهاري مهم روڪڻ جو حڪم

اليڪشن ڪميشن پاران پي پي جي اشتهاري مهم روڪڻ جو حڪم

ڪراچي:اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت پاران مختلف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهارن جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪيترن ئي ٽي وي چئنلن تي هلندڙ اشتهارن ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو ذڪر ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلدياتي چونڊن جي پولنگ واري ڏينهن اهي اشتهار هلائڻ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن پيمرا کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اشتهار اڄ ڏينهن تائين ٽي وي چئنلز تي نشر ٿيڻ کان روڪين. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم جي باوجود منجهند اڍائي وڳي تائين مختلف ٽي وي چينلز تي اشتهار هلندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو