پوليس به دهشتگردن کان محفوظ ناهي، عوام جو ڇا ٿيندو؟ راڻا ثناءُ الله

پوليس به دهشتگردن کان محفوظ ناهي، عوام جو ڇا ٿيندو؟ راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس به دهشتگردن جي حملن کان محفوظ ناهي، عوام جي سيڪيورٽي جو ڇا ٿيندو؟ راڻا ثناءُ الله پشاور ۾ سربند پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته دهشتگرد خيبرپختونخواهه ۾ پوليس اسٽيشنن تي حملا ڪري رهيا آهن، پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.هن چيو ته هاڻوڪي واقعي مان لڳي ٿو ته ڪي پي ڪي حڪومت سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر بنون کان به سبق ناهي سکيو.راڻا ثناءُ الله پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ ڊي ايس پي ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي وارثن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مان پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ سندن قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو