پرويز الاهي جي ڪاميابي تي نواز ۽ مريم پارٽي جي صوبائي قيادت تي ڪاوڙيل

پرويز الاهي جي ڪاميابي تي نواز ۽ مريم پارٽي جي صوبائي قيادت تي ڪاوڙيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اعتماد جي ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي (ن) ليگ جو قائد نوازشريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف پارٽي جي صوبائي قيادت تي سخت ڪاوڙجي پيا ۽ معاملي تي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پڇاڻو ڪيو ته پارٽِ قيادت کي آگاهه ڪيو ويو هو ته تحريڪ انصاف جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ناراض ميمبر پي دي ايم سان رابطن ۾ آهن ناراض ميمبر ڪيئن ووٽنگ لاءِ پهچي ويا کين مئنيج ڇو نه ڪيو ويو. پارٽي ذريعن ٻڌايو ته رانا ثناءُالله نوازشريف ۽ مريم نواز کي معاملي تي شروعاتي رپورٽ پيش ڪندي مريم نواز جي فوري وطن ورڻ جي تجويز ڏني هن چيو ته مريم نواز ترت وطن واپس نٿي اچي ته پارٽي کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو