اوگرا گئس جي اگهن ۾ 74 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اوگرا گئس جي اگهن ۾ 74 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جولاءِ 2022ع کان گئس جي قيمتن ۾ 74 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اوگرا سوئي ناردرن لاءِ گيس جي اگهن ۾ 74.42 سيڪڙو جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ 67.75 سيڪڙو گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اوگرا سوئي گئس ڪمپنين جي گيس جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا موجب سوئي ناردرن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 406 رپيا 28 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. سوئي سدرن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 469 رپيا 28 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.اوگرا جو چوڻ آهي ته سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت 545 رپيا 89 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، سوئي ناردرن لاءِ گئس جي نئين قيمت 952 رپيا 17 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.اوگرا موجب سوئي سدرن لاءِ گيس جي موجوده قيمت 692 رپيا 63 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو جي نئين قيمت جي منظوري ڏني وئي آهي.اوگرا جو اهو فيصلو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ جولاءِ 2022ع کان لاڳو ٿيندو، جيڪڏهن وفاقي حڪومت 40 ڏينهن اندر منظوري نه ڏني ته اوگرا جي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو