ڪوئيٽا جي وادين  ۾ رات جي پهر ۾ تيز برسات

ڪوئيٽا جي وادين ۾ رات جي پهر ۾ تيز برسات

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)وادي ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رات دير سان برسات شروع ٿي وئي، ايندڙ ٻن ڏينهن دوران صوبي جي 13 ضلعن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رات دير سان ڪڪر ڇانئڻ شروع ٿي ويا، جنهن کانپوءِ رات دير سان برسات شروع ٿي وئي. برسات شروع ٿيندي ئي موسم سرد ٿي وئي، موسميات کاتي موجب 11 کان 13 جنوري تائين مغربي هوائن جي داخل ٿيڻ کان پوءِ بلوچستان جي 13 ضلعن ڪوئيٽا، ژوب، بارکھان، زيارت، نوڪندي، دالبندين، قلات مستونگ، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين ۾ برسات جو امڪان آهي. ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ انهن علائقن ۾ گرمي پد ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو