عمران خان جهڙو سچو اڳواڻ پاڪستان کي ٻيهر نه ملندو:پرويز الاهي

عمران خان جهڙو سچو اڳواڻ پاڪستان کي ٻيهر نه ملندو:پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته نواز ۽ شهباز شريف شروع کان ئي ٻه نمبري جا ماهر آهن، شريف ڀائرن ڪڏهن به هڪ نمبر ڪم ناهي ڪيو، جيڪو حڪمران بي ايمان هوندو ان ڪم ۾ برڪت نه هوندي. عمران خان جهڙو سچو اڳواڻ پاڪستان کي ٻيهر نه ملندو.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سمن آباد موڙ انڊر پاس وٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي کي ميان اسلم اقبال ۽ اي جي ايل ڊي اي منصوبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. اڳوڻو وفاقي وزير حماد اظهر، اسيمبلي ميمبر، سيڪريٽري اطلاعات، ڪمشنر لاهور ڊويزن، ڊي جي ايل ڊي اي ۽ لاڳاپيل اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون.چوڌري پرويز الاهي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 400 ميٽر ڊگهو سمن آباد انڊر پاس 2 ارب 3 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سمن آباد انڊر پاس بنجڻ سان سمن آباد، گلشن راوي، توحيد پارڪ، ملتان روڊ، چوبري چوڪ، يتيم خانو ۽ لاڳاپيل علائقن جي ماڻهن کي اچ وڃ ۾ آساني ٿيندي. سمن آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير تي 66 ڪروڙ روپين جي لاڳت ايندي. ڪرڪيٽ گرائونڊ بنجڻ سان نوجوان رانديگرن کي پنهنجي ٽيلنٽ جي اظهار جو موقعو ملندو.چوڌري پرويز الاهي چيو ته ماسٽر پلان جو ذڪر اڪثر سامهون ايندو آهي. ماسٽر پلان پي ٽي آءِ جي حڪومت واري شروع ۾ شروع ٿيو. ن ليگ جي ميڊيا سيل ماسٽر پلان بابت منفي مهم هلائي. شهباز ۽ نوازشريف شروع کان ئي ٻه نمبري آهن، شريف ڀائرن ڪڏهن به هڪ نمبر ڪم ناهي ڪيو. مستقبل ۾ ڪنهن کي به پنجاب ۾ (ن) ليگ نظر نه ايندي، صرف اسان جا ڪم نظر ايندا.پرويز الاهي چيو وڌيڪ چيو ته عمران خان عوام جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ هر خطري کي منهن ڏيندو آهي. اسان کي خبر آهي عمران خان سچو آهي ان ڪري عوام به هن جو ساٿ ڏنو آهي. جيئن قائد اعظم سچو ۽ کرو هو، اهڙي طرح عمران خان به سچو ۽ کرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو