نيب جو  پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري کي طلبي جو هڪ ٻيو نوٽيس

نيب جو پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري کي طلبي جو هڪ ٻيو نوٽيس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو(نيب) القادر يونيورسٽي ايراضي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري کي دستاويزن سان گڏ طلب ڪري ورتو آهي. نيب راولپنڊي پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري کي هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪندي 9 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.نيب راولپنڊي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته القادر يونيورسٽي ٽرسٽ جي زمين منتقلي جو رڪارڊ گڏ آندو وڃي. نجي هائوسنگ سوسائٽي مان زمين جي خريداري جو رجسٽري رڪارڊ به ڏنو وڃي.نيب راولپنڊي طرفان طلبي تي زلفي بخاري رد عمل ۾ چيو آهي ته بطور هڪ گواهه نيب مون کي طلب ڪري رهي آهي اها انتقامي ڪارروائي آهي مان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندس.زلفي بخاري چيو ته يونيورسٽي جيڪا اسلامي تعليمات جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي ان تي مون کي ڏوهاري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مان هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان هن ملڪ ۾ مسئلن جو هڪڙو ئي حل چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو