عمران خان کي اقتدار ته ڏنو ويو پر هن عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو: وزيراعظم

عمران خان کي اقتدار ته ڏنو ويو پر هن عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي پوري طاقت سان اقتدا تي ويهاريو ويو پر هن غريب عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو. هن 60 ارب روپين جي سرمائيڪاري ڪندڙ دوست ملڪ چين تي الزام لڳائي سي پيڪ کي به تباهه ڪيو.هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٺاهڻ جو پراڻو مطالبو هو اڄ اهو پراڻو مطالبو پورو ٿي چڪو آهي. اوهان کي مبارڪ هجي. هن ڪمپني جا ضروري قدم فوري طور تي مڪمل ڪنداسين اها ڪمپني هاڻ پيسڪو کان ڌار ٿي چڪي آهي. سوئي گئس جي منصوبن کي به جلد کان مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.هن چيو ته نوازشريف ملڪ ۾ 20-20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي. گاريون ڏيڻ ۾ عمران خان جو ڪوبه مقابلو ناهي. عمران خان پاڪستان جي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيو. گارين ۾ عمران خان جو مقابلو ناهي. عمران خان هن معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان ٽنگ تي نانگ رکي ويٺل رهيو ۽ ڪيو ڪجهه به نه. گئس ۽ بجلي جي معاملي ۾ به بدترين غفلت ڪئي وئي. عمران خان هڪ سر عوامي ترقي لاءِ ناهي لڳائي. وزيراعظم چيو ته چين اسان جي مدد ڪئي ۽ اسان جي ملڪ ۾ 60 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ڪئي ۽ عمران خان چين کي به ناراض ڪري ڇڏيو. عمران نيازي سي پيڪ جو جنازو ڪڍيو. عمران خان پاڪ فوج جي ڪاوشن کي ضايع ڪيو. هن شخص پاڪستان جي پراڻي دوستن کي ناراض ڪيو ۽ انهن کي پري ڪري ڇڏيو. 30 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري تي هن شڪر ڪرڻ بجاءِ الزام لڳايا. اسان دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو