پ پ پنجاب پنهنجي بندوقن جو رخ ن ليگ ڏانهن ڪري ڇڏيو

پ پ پنجاب پنهنجي بندوقن جو رخ ن ليگ ڏانهن ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پنجاب اوچتو پنهنجي بندوقن جو رخ پنهنجي حڪومتي اتحادي جماعت مسلم ليگ ن ڏانهن ڪري ڇڏيو.پ پ پنجاب جي سينيئر اڳواڻ حسن مرتضيٰ ن ليگ کي گهرن جي پارٽي قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز ليگ وٽ شريفن کانسواءِ وڏي وزير يا وزارت عظميٰ جو ڪو به اميدوار ناهي.حسن مرتضيٰ چيو ته نواز شريف جڏهن ملڪ کان ٻاهر ويندو آهي ته عمران خان ۽ شريف ڀائرن جا ٻار ملڪ کان ٻاهر رهندا آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته حمزه شهباز کي وڏو وزير بڻائڻ سان لاهور ۾ ن ليگ جي مقبوليت گهٽ ٿي، حمزه شهباز جي وڃڻ تي ڪنهن به احتجاج ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو