اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف پارٽي جي تنظيمي فيصلي جو اعلان ڪيو، جنهن موجب مريم نواز پارٽي جي سينيئر نائب صدر آهي.مريم اورنگزيب موجب پارٽي صدر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي جي چيف آرگنائيزر پڻ مقرر ڪيو آهي، کيس پارٽي جي تنظيم سازي جي ذميواري سونپي وئي آهي.










